شڪارپور ضلعي چيئرمين لاءِ شيخ، ڀيا ۽ ڪماريا خاندان سرگرم: پ پ قيادت جا غوث بخش مهر ۽ جتوئي ڀائرن سان رابطا

مَي 28, 2023

شڪارپور(رپورٽ: وحيد بروهي) چيئرمينن جي چونڊن ۾ باقي 18 ڏينھن، پ پ شڪارپور ضلعي ڪائونسل ۽ ميونسپل ڪاميٽي تي ٽن ڌڙن ۾ ورھائجي وئي، ضلعي چيئرمين لاءِ شيخ، ڀيا ۽ ڪماريا خاندان سرگرم ٿي ويا، پ پ قيادت وري غوث بخش مهر ۽ جتوئي ڀائرن سان رابطا ڪري ورتا آهن

پ پ جي ويجهن ذريعن موجب شڪارپور ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين شپ لاءِ صوبائي وزير امتياز شيخ، اڳوڻو ايم پي اي بابل خان ڀيو ۽  پنهنجا پنهنجا ماڻهو آڻڻ لاءِ پ پ قيادت تي زور ڀري رهيا آهن

هي به پڙهندا

گذريل چونڊن ۾ ايم اين جي تڪ تي ٻن هزارن تان شڪست کائيندڙ ذوالفقار ڪماريو پڻ ضلعي چيئرمين بڻجڻ لاءِ پ پ جي قيادت تي دٻاءُ وجهي رهيو آهي کيس سينئر اڳواڻن جي حمايت پڻ حاصل آهي

ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ آهي ته  پ پ جي مرڪزي قيادت پاران  جي ڊي اي اڳواڻ غوث بخش خان مھر ۽ اين پي پي اڳواڻ جتوئي ڀائرن ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي ۽ عابد جتوئي کي پ پ ۾ آڻڻ لاءِ بيڪ ڊور رابطا تيز ٿي ويا آھن

ذريعن موجب مھر ڀائرن ۽ جتوئي ڀائرن مان ڪوبه اڳواڻ پ پ ۾ شامل نه ٿيڻ جي صورت ۾ بابل خان ڀيو، پ پ جو متوقع ضلعي ڪائونسل جو چيئرمين نامزد ٿيل آھي جڏھن ته غوث بخش مھر پ پ ۾ اچڻ جي صورت ۾ پ پ پاران ذوالفقار ڪماريو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو چيئرمين ٿيندو

 اھم ذريعن موجب ايم اين اي غوث بخش خان مھر ۽ ايم پي اي شھريار مھر پاران پ پ ۾ اچڻ لاءِ ڳالھيون آخري مرحلن ۾ داخل ٿي ويون آھن

 ذريعن موجب غوث بخش مھر ڳڙھي ياسين ۽ لکي غلام شاھه جي قومي تڪ، خانپور، لکي غلام شاھه جي صوبائي تڪ، صوبائي وزارت سان گڏوگڏ چڪ ٽائون جي چيئرمين شپ جي گھر ڪري ڇڏي آھي، پ پ قيادت چڪ ڪاميٽي جي چيئرمين شپ جي مونجھاري سبب غوث بخش مھر جي شموليت جو اعلان رڪيل آهي

پ پ پاران چڪ ٽائون تي آصف علي زرداري سان ويجھو رھندڙ اياز احمد مھر جو ڀاء ڊاڪٽر نويد مھر اميدوار طور موجود آھي، جڏھن ته جتوئي ڀائرن جي  پ پ ۾ اچڻ لاءِ ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين شپ خانپور، لکي جي صوبائي سيٽ سان گڏوگڏ جتوئي ڀائرن پنھنجي اتحادين کي راضي ڪرڻ لاءِ پ پ قيادت آڏو ضلعي ڪائونسل جي وائيس چيئرمين شپ ۽ سنڌ حڪومت ۾ ايڊوائيزري جي سيٽ پنھنجي اتحادي جي يو آءِ لاءِ پڻ گھري آھي

Leave A Comment