شڪارپور(رپورٽر) شڪارپور ضلعي ۾ بدامني تي ڪوبه ٻنجو نه آيو، ڌاڙيل پاڻي جي واري تي ويل ٻن ڳوٺاڻن کي اغوا ڪري ويا
رستم ٿاڻي جي حد نور واهه وٽان هٿياربند ڌاڙيلن پاڻيءَ جي واري تي ويل ڳوٺ وريام سولنگي واسي عبدالغفور سولنگي ۽ عبدالرئوف سولنگي کي اغوا ڪيو
وارثن جو چوڻ آهي ته عبدالغفور سولنگي ۽ عبدالرئوف سولنگي پاڻي جي واري تي ويل هئا ته ڌاڙيلن کين نور واهه وٽان اغوا ڪيو جنهن جو بروقت اطلاع پوليس کي ڪيو پر پوليس ڪوبه تحرڪ نه ورتو