شڪارپور (رپورٽر) 40 ڏينھن اڳ شڪارپور مان مبينا طور اغوا ٿي ويل ڪلاٿ بلوچستان واسي جلال بروھي کي پنھنجي مدد پاڻ پنھنجي ئي برادري جي ماڻھن بازياب ڪرائي ورتو
ان سلسلي ۾ گلشير خان بروھي، جاويد خان بروھي، غلام علي بروھي ۽ ٻين چيو ته گذريل 40 ڏينھن کان اسان جو ھمراھ ڌاڙيلن وٽ قيد ھو اڄ مغوي جلال بروھي کي اسين پنھنجي برادري جي ماڻھن سان گڏجي پنھنجي مدد پاڻ غوثپور واري علائقي مان بازياب ڪرايو آھي
ھنن چيو ته بروھي برادري سان تعلق رکندڙ بلوچستان واسي 2 ٽرڪ ڊرائيور اڃا تائين ڌاڙيلن وٽ قيد بڻيل آھن، ھنن کي به جلد بازياب ڪرائينداسين
ياد رھي ته 40 ڏينھن اڳ شڪارپور جي ناپر ڪوٽ واري علائقي ۾ مائٽن وٽ گھمڻ لاء آيل بلوچستان واسي جلال بروھي مبينا طور اغوا ٿي ويو ھو جنھن جي وارثن کي 20 ڏينھن اڳ ڌاڙيلن پاران ڪال ڪري 20 لک ڀنگ طلب ڪيو ويو ھو