| شڪارپور: مهر-جتوئي تڪرار تان ڄڃ تي حملو، فائرنگ: گهوٽ ۽ سندس معصوم ڀاءُ سميت 3 ڄڻا قتل |
شڪارپور(رپورٽ: وحيد بروھي) شڪارپور ۾ قبيلائي تڪرار تان ھٿياربندن جو ڄڃ تي حملو، گھوٽ ۽ سندس معصوم ڀاءُ قتل سميت 3 ڄڻا قتل، گھوٽ جي امڙ زخمي، شڪارپور شھر جي اسٽورٽ گنج ٿاڻي جي حد باءِ پاس تي رستم شھر کان جيڪب آباد ضلعي جي ٺل ويندڙ مھر برادري ڌر جي ڄڃ تي موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني، ھٿياربندن ڄڃ جي اڳيان ھلندڙ گھوٽ جي ڪار تي انڌا ڌنڌ سڌي فائرنگ ڪئي، سبب ڪار ۾ اڳئين سيٽ تي ويٺل گھوٽ الطاف مھر، سندس معصوم 6 ورهين جو ڀاءُ محمد حسن مھر ۽ ڪار ڊرائيور محمد رمضان مھر قتل ٿي ويا، جڏهن ته گهوٽ جي ماءُ مسمات شبيران مھر سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ گھوٽ جي قتل ٿيڻ تي خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون، ڄڃ ۾ لاڏا ڳائيندڙ عورتون توڙي مرد روڊ تي ماتم ڪندا رھيا، اطلاع باوجود پوليس دير سان واقعي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، اسپتال ۾ مقتولن جي سڃاڻپ رستم واسي 25 ورهين جي گهوٽ الطاف حسين مهر، سندس 6ورهين جي ڀاءُ محمد حسن ٻئي پٽ غلام قادر مهر ۽ ڊرائيور محمد رمضان مهر طور ڪئي وئي، ٻڌايو ويو ته مقتول الطاف مھر کي پرڻائڻ لاءِ ڄڃ رستم کان ٺل وڃي رھي ھئي ته شڪارپور شھر ڀرسان سان تاج سي اين جي وٽ ھٿياربندن حملو ڪيو، اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، مڙهه گهر پهچائڻ تي ڪهرام مچي ويو، ھوڏانھن واقعي بعد ايس ايس پي شڪارپور شاھزيب چاچڙ ٻڌايو ته واقعو مھر – جتوئي برادرين ھلندڙ تڪرار سبب پيش آيو آھي جن چيو ته تمام گھڻو افسوسناڪ واقعو پيش آيو آھي جوابدارن خلاف پوليس ڪارروائي ھلندڙ آھي جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون. جڏهن ته سوڳ ۾ رستم شهر بند ٿي ويو.
| مهر-جتوئي تڪرار تان 18مهينن ۾ 52 ڄڻا مارجي ويا |
شڪارپور: مھر – جتوئي خوني تڪرار ۾ سکر ۽ شڪارپور ضلعن ۾ گذريل 18 مھينن ۾ ٻنهي ڌرين جا مجموعي طور 52 ڄڻا مارجي چڪا آهن، جن ۾ 24 ماڻھو پنو عاقل ۽ سکر جڏھن ته 28 ماڻھو شڪارپور ۾ قتل ٿيا آهن، تڪرار جي خاتمي لاءِ ڌرين جو 30 نومبر تي فيصلو رکيو ويو ھو پر فيصلو ٿيڻ کان ٿورو اڳ، پنو عاقل ۾هڪ ڄڻي کي قتل ڪيو ويو، جنھن سبب فيصلو نه ٿي سگھيو ۽ رکيل تاريخ ڪينسل ٿي وئي، اڍائي مھينا اڳ شڪارپور ۾ سنڌ حڪومت جي سرينڊر پاليسي تحت ايس ايس پي آفيس ۾ اهم تقريب منعقد ٿي ھئي جنهن ۾ ڪچي جي ڪيترن ئي بدنام ڏوھارين هٿيار ڦٽا ڪري پاڻ کي قانون حوالي ڪيو ھو تقريب ۾ گھرو وزير ضياءُ لنجار پڻ شرڪت ڪئي، جنهن مهر ۽ جتوئي سردارن کي سڌي اپيل ڪئي ته تڪرار ختم ڪيو وڃي، پر تنهن باوجود تڪرار جو خاتمو اڃا تائين ممڪن نه ٿي سگهيو آهي.
| گهوٽ، سندس ڀاءُ ۽ ماءُ ڪار ۾ ويٺل هئا، اوچتو فائرنگ ٿي |
شڪارپور: ھٿياربندن ھٿان قتل ڪيل گھوٽ الطاف مھر کي شادي جي وڳي پاتل ھئڻ سان گڏ ھٿ ۾ ڳانو پڻ ٻڌل ھو ، ٻنھي ھٿن تي ميندي لڳل ھئي، سندس معصوم 6 ورهين جو ڀاءُ محمد حسن مھر پڻ پنھنجي گھوٽ ڀاءُ سان گڏ ويٺل ھو، جنھن کي پڻ نوان شادي جا ڪپڙا پھريل ھئا، نوان ورتل جوتا پاتل ھئا ۽ ھو پنھنجي ڀاءُ سان گڏ شرارتون ڪندو وڃي پيو، ڪار ۾ سوار گھوٽ جي امڙ به ويٺل ھئي، جيڪا پنھنجي پٽ کي موڙ ٻڌي پرائڻ وڃي رھي ھئي، ٻنھي پٽن سان گڏ خوشي ۾ نه ڊاپندڙ امڙ مسمات شبيران مھر ڪار ۾ سھرا ڳائيندي وڃي پئي کيس ڪھڙي خبر ته رستي ۾ اوچتو ظالم ھٿياربند سندس سامھون ٻنھي ٻچڙن کي قتل ڪندا ۽ سندس جي گھر ۾ خوشيون ختم ڪري قيامت برپا ڪئي ويندي
| رستم ويجھو پوليس آپريشن، جوابدار ڌر جو پيرسن مارجي ويو، 20 زخمي |
رستم: افسوسناڪ واقعي کانپوءِ شڪارپور پوليس پاران ڳوٺ عالم سعدخاناڻي جتوئي ۽ ڳوٺ دودو سعدخاناڻي جتوئي ۾ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آھي، جنھن دوران پوليس ذريعن مطابق جوابدار ڌر جو ھڪ پيرسن خاڪل سعدخاناڻي جتوئي مارجي ويو، جڏھن ته 20 ويهه کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ ٽي واٽ ويندڙ احسان، حبدار، ۽ صدام نون به شامل آھن، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻئي طرف ھڪ وڌيڪ واٽھڙو نينگري ڳوٺ مور انڙ واسڻ راضل ڌيءَ ارسلان انڙ به زخمي ٿي پئي، جنھن کي به خانپور اسپتال نيو ويو. جڏهن ته پوليس مارجي ويل جو لاش هٿ نه ڪري سگهي.
مارجي ويل معصوم نينگر جو 6 مهينا اڳ سنت طهر ٿيو هو
شڪارپور: گهوٽ غلام رسول عرف الطاف مهر، سندس جو 6 ورهين جو ننڍو ڀاءُ جنهن جو هفتو اڳ سنت طهر ڪرايو ويو هو معصوم گهوٽ محمد حسن مهر، ڪار ڊرائيور 35 ورهين جو محمد رمضان مهر موقعي تي قتل ٿي ويا، گهوٽن جي امڙ ڀيڻ ۽ ھڪ ٻئي عورت جيڪا پڻ ساڳئي ڪار ۾ گهوٽن سان سوار هيون اهي به زخمي ٿيا
فائرنگ ۾ مارجي ويل ڊرائيور چار ٻارن جو پيءُ ۽ گهر جو اڪيلو ڪمائڻ وارو هو
شڪارپور: رستم واسي ڄڃ سان گڏ قتل ٿيل ڊرائيور محمد رمضان مهر بابت ٻڌايو وڃي ٿو ته ڪجهه سال اڳ هن پنجاب جي لاهور مان پسند جي شادي ڪئي هئي، ان ناري مان کيس 4 ٻار آهن گهر جو واحد ڪمائڻ وارو ماڻهو هو.
گهوٽ جي موت جي خبر ٻڌڻ بعد ڪنوار کي بيهوشي جا دورا
شڪارپور: رستم واسي گهوٽ غلام رسول عرف الطاف حسين مهر جيڪب آباد مان سومرا برادري سان واسطو رکندڙ ڪنوار سان لانوان لهڻ وڃي رهيو هو ته ننڍي ڀاءُ محمد حسن مهر جنهن جو پڻ طهر ٿيو هو اهو ننڍڙو گهوٽ ۽ ڊرائيور محمد رمضان مهر سميت قتل ڪيو ويو. ڪنوار گهوٽ جي انتظار ونهواهه ويٺل رهي گهوٽ جي ڀاءُ سميت قتل ٿيڻ جي اطلاع تي کيس بيهوشي جا دورا پوڻ لڳا.
اسان جو تڪرار سان واسطو ناهي، اطلاع باوجود پوليس تحفظ نه ڏنو: مقتولن جا وارث
رستم: مقتولن جي وارثن مشتاق مھر ۽ غلام قادر مھر ٻڌايو ته سندن جھيڙي سان ڪو تعلق ناھي سندن بنيادي ڳوٺ محمد آباغ ڀرسان عامل ڳوٺ ھجڻ ڪري اڳ به ھٿياربند سندن گھرن تي ٻه دفعا حملا ڪري آيا پر کين قدرت بچايو، دانھون ڪرڻ باوجود پوليس تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام وئي، آخرڪار ھٿياربند گھر اجاڙي ويا آھن، نوٽيس وٺي انصاف ڏياريو وڃي.