شڪارپور ميونسپل چيئرمين لاءِ فياض محمود شيخ پ پ جو اميدوار

مَي 30, 2023

شڪارپور(رپورٽ: وحيدقريشي) شڪارپور ميونسپل چيئرمين لاءِ امتيار شيخ جي ڀائيٽي فياض محمود شيخ جي نالي تي اتفاق ڪيو ويو آهي

ڀيو ھائوس تي ڪيل گڏجاڻي بعد پ پ اڳواڻن پاران مليل معلومات موجب شڪارپور ميونسپل جي چيئرمن لاءِ صوبائي وزير امتياز شيخ جو ڀائيٽو ۽ اڳوڻو صوبائي وزير فياض محمود شيخ جي نالي تي اتفاق ڪيو ويو

هي به پڙهندا

وائيس چيئرمين لاءِ امتياز شيخ جو ويجھو ساٿي وسيم صديقي اميدوار هوندو جڏهن ته مدئجي ٽائون لاءِ نجف خان ڪماريو جي نالي تي اتفاق ڪيو ويو

ڳڙھي ياسين ٽائون لاءِ آغا شجاع خان دراني ۽ چڪ ٽائون لاءِ ڊاڪٽر نويد مھر جا نالا فائنل ڪيا ويا

رستم ٽائون لاءِ ڪامران خان مھر چيئرمين جو اميدوار هوندو، حتمي اعلان صوبائي صدر نثار کھڙو ڪندو

Leave A Comment