شڪارپور واسي انجنيئر راهول تلريجا جي قتل ۾ زال ملوث نڪتي: سوٽ سالو ڪراچي مان سوگهو
جنوري 8, 2025
ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر ۾ جوهر موڙ وٽ ڇرا هڻي قتل ٿيل شڪارپور واسي سول انجنيئر راهول تلريجا واري ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي، مقتول راهول جي زال ملوث نڪتي، پوليس مقتول جي زال جي ڪزن (سوٽ سالي )کي گرفتار ڪري ورتو. انويسٽيگيشن پوليس موجب مقتول راهول جي زال جي ڪزن شنڪر شرما کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جوابدار هُليو تبديل ڪري فليٽ ۾ داخل ٿيو هو، جوابدار وِگ لڳائي، چهري کي به ڍڪيو ته جيئن ڪير سڃاڻي نه سگهي. جوابدار سان مقتول جي زال مليل هئي، جوابدار شنڪر شرما انجنيئر راهول تلريجا کي ڳلو ڪپي قتل ڪيو هو، جوابدار جا گهر ۾ داخل وقت وارا سي سي ٽي وي فوٽيج به هٿ ڪيا ويا آهن، جن جي مدد سان جوابدار جي سڃاڻپ ڪئي وئي. انويسٽيگيشن پوليس موجب مقتول جي زال مڙس جي قتل جو اطلاع دير سان ڏنو، هن معاملي کي ڦر جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. پوليس ذريعن موجب مقتول جي زال چيو ته گهر مان 20 تولاسون ڦر ڪيو ويو پوليس ذريعن موجب مقتول جي زال چيو ته منهنجا هٿ ٻڌا ويا پر پوليس جڏهن ڪرائيم سين تي پهتي ته ان وقت عورت جي هٿن تي اهڙا ڪي به نشان موجود نه هئا، عورت واقعي واري ڏينهن مڙس سان ڪيترائي دفعا رابطو ڪيو ته جيئن سندس گهر اچڻ جي تصديق ڪري سگهي. پوليس ذريعن موجب واقعي واري ڏينهن عورت گوگل تي نشي واريون گوريون سرچ ڪيون، پوسٽ مارٽم جي حتمي رپورٽ بعد پتو پوندو ته راهول ڪمار کي ڪهڙي قسم جو نشو ڏنو ويو هو؟ پوليس ذريعن موجب جوابدار گهر ۾ 2 ڪلاڪن تائين موجود هو، راهول جي ڳلي تي خنجر جا 5 کان وڌيڪ وار ڪيا ويا پر گهر ۾ ايترو رت موجود نه هو، ممڪن آهي ته جوابدارن جاءِ واردات تان ثابتيون ڊاٺيون هجن، جوابدار شنڪر شرما اڳ به فليٽ تي ايندو رهيو. پوليس ذريعن موجب جوابدار شنڪر شرما راهول جي قتل بعد هفتي تائين منظر عام تان غائب ٿي ويو هو. پوليس ذريعن موجب راهول جي زال جي گرفتاري لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن.
راهول جي ڊاڪٽر زال شادي مان خوش نه هئي * زال مڙس ۾ جهيڙا معمول بڻيل هئا
ڪراچي: پوليس راهول جي خانداني ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو ته راهول ۽ سندس زال جي شادي ڪجهه مهينا اڳ ٿي، عورت شادي مان خوش نه هئي، هن جي اڳ به ڪوئيٽا جي هڪ شخص سان مڱڻو ٿيل هو، جيڪو هن وقت انڊيا ۾ آهي، ٻنهي زال مڙس ۾ جهيڙا معمول بڻيل هئا، سندن وچ ۾ ڪا به انڊراسٽيڊنگ نه هئي.
بااثر ڌريون راهول جي زال کي رليف ڏيارڻ لاءِ سرگرم
ڪراچي: ڪجهه بااثر ڌريون راهول جي زال کي رليف ڏيارڻ لاءِ پوليس تي دٻاءُ وجهي رهيون آهن. واضح رهي ته عورت جا والدين نائجيريا ۾ رهندا آهن، هو پاڻ به نائيجيريا ۾ رهندي هئي، سندس هڪ ڀيڻ ملائيشيا ۾ رهندي آهي.