شڪارپور واسي سول انجنيئر ڳلو ڪپي قتل: ڊاڪٽر زال کي رسن سان ٻڌي گهر مان ڦرلٽ

ڊسمبر 4, 2024

ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي)ڪراچي ۾ شڪارپور واسي سول انجنيئر ڳلو ڪپي قتل، ڊاڪٽر زال کي رسن سان ٻڌي گهر مان ڦرلٽ، مشڪوڪ جوابدار جا سي سي ٽي وي فوٽيجز هٿ، پوليس موجب گلستان جوهر جي علائقي جوهر موڙ وٽ نامعلوم جوابدار شڪارپور واسي 29 سالن جي سول انجنيئر راهول تلريجا کي ڳلو ڪپي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو، واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس پهتي، ڪرائيم سين يونٽ کي طلب ڪيو ويو، جنهن شاهديون گڏ ڪيون. پوليس موجب واقعي وقت گهر ۾ راهول ڪمار جي زال موجود هئي، جنهن  پوليس کي ٻڌايو ته نامعلوم شخص گهر پهچي راهول سان 10 منٽ ڳالهايو، جنهن بعد تيز ڌار واري اوزار جا وار ڪري راهول کي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس موجب راهول جي زال  وڌيڪ ٻڌايو ته جوابدار راهول جي ڄاڻ سڃاڻ وارو هو پر هوءَ جوابدار کي نه ٿي سڃاڻي. جوبدار راهول جي ڊاڪٽر زال جا هٿ پير ٻڌي گهران 18 تولا سون ۽ روڪ رقم کڻي فرار ٿي ويو، پوليس موجب عمارت ۾ لڳل ڪيمرائن جا سي سي ٽي وي فوٽيجز هٿ ڪيا ويا آهن، فوٽيجز ۾ هڪ  ماسڪ پاتل مشڪوڪ شخص کي عمارت ۾ داخل ٿيندي ڏسي سگهجي ٿو، اهو مشڪوڪ شخص ڪلاڪ کان به وڌيڪ وقت عمارت ۾ موجود رهيو، ان بعد ٻاهر نڪتو، فوٽيجز جي مدد سان مشڪوڪ جوابدار جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي. پوليس موجب راهول جي زال صدمي ۾ ورتل لڳي رهي هئي، انهي ڪري سندس بيان رڪارڊ نه ٿي سگهيو، جاچ دوران پتو پيو ته راهول جي زال مڙس جي قتل ٿيڻ جو اطلاع پاڙيوارن کي دير سان ڏنو، پوليس موجب اها به جاچ ڪنداسين ته راهول جي زال مڙس جي قتل جو اطلاع پاڙيوارن کي دير سان ڇو ڏنو؟ پوليس موجب راهول جو لاش جناح اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، وارثن جي واپسي تي ڪيس داخل ڪيو ويندو. پاڙيسري دانش ٻڌايو ته آئون گهر هئس، اچانڪ رڙين جو آواز آيو، رڙيون ٻڌي ٻاهر نڪتس ته راهول ڪمار جي گهر کي ٻاهران ڪنڊي لڳل هئي، ڪنڊي کوليم ته راهول ڪمار جو رت ۾ ڳاڙهو لاش فرش تي پيل هو. هوڏانهن شڪارپور پهتل سينيئر صحافي مهيش ڪمار جو چوڻ هو ته راهول جو شڪارپور ۾ اگني سنسڪار ٿيو آهي، هن ٻڌايو ته راهول منهنجي زال جو ڀاڻج هو، سندس 7 مهينا اڳ شادي ٿي، هن چيو ته قاتل راهول جو سڃاڻپ وارو هو، جنهن ڪري راهول کيس گهر اندر آڻي ويهاريو هو، قاتل 10 منٽن تائين راهول سان ڳالهائڻ بعد مٿس خنجر جا وار ڪيا، زال جي پهچڻ تي هن کيس خنجر ڏيکاري هٿ پير ٻڌا، بعد گهر ۾ پيل روڪ رقم ۽ 18 تولن جا سونا زيور کڻي گهر جي ٻاهران ڪنڊي هڻي فرار ٿي ويو، هن چيو ته سي سي ٽي وي فوٽيجز ذريعي قاتل جو پتو پئجي ويندو.

Leave A Comment