شڪارپور واسي نوجوان اغوا، وارثن کي فون، 20 لک ڀنگ طلب

جُولاءِ 11, 2023

شڪارپور (رپورٽر) شڪارپور ڀرسان ڳوٺ رحيم ڏنو کهڙو واسي نوجوان پورهيت علي گل پٽ ڌڻي بخش کهڙو مبينا اغوا ٿي ويو آهي

 مغوي نوجوان جي والد ڌڻي بخش کهڙو ٻڌايو ته سندس پٽ ڪراچي فيڪٽري تي مزدوري ڪندو هو، عيد تي ڳوٺ آيو ۽ چار ڏينهن ٿيا آهن

 ته گهر نه موٽيو، هن چيو ته ڪالھه شام جو ڌاڙيلن پٽ جي نمبر تان ڪال ڪري اغوا جو ٻڌايو ۽ 20 لک رپيا ڀنگ گهريو،

 جڏهن ته ڀنگ نه ڏيڻ جي صورت ۾ نوجوان کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي، هن پٽ کي بازياب ڪرائڻ جي گهر ڪئي.

Leave A Comment