شڪارپور واسڻ ناري جون ڪراچي ۾ پلاٽ تي قبضي خلاف دانهون: وڊيو وائرل

شڪارپور واسڻ ناري جون ڪراچي ۾ پلاٽ تي قبضي خلاف دانهون: وڊيو وائرل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)  ڪراچي  ڊفينس واري علائقي ۾ شڪارپور واسي ناري چاندني ڪمار جي پلاٽ تي مبينا قبضي بابت دانهون ڪرڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، ايس ايس پي ڏکڻ مهزور علي موجب شڪارپور واسي مرحوم ڊاڪٽر وجي ڪمار جي نياڻي چاندني ڪماري ڊفينس فيز-8 واري علائقي 138-سي ۾ هڪ دڪان مسواڙ تي ورتو، جتي هن ڪيفي کولڻ پئي چاهيو، چاندني ڪماري دڪان جي سامهون خالي پيل پلاٽ تي بجري لهرائي ليول ڪئي ته اُتي ڪرسيون لڳرائي ڪيفي جو ڪم ڪندي، ساڳئي هنڌ ٻي ڌر جي ماڻهن به دڪان مسواڙ تي ورتو ۽ انهن جي به ڪوشش هئي ته ساڳئي پلاٽ تي ڪيفي جو ڪم ڪن، جنهن تان ٻنهي ڌرين ۾ تڪرار ٿيو ۽ معاملي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي، واقعي جي اطلاع تي ڊي ايڇ اي جون ٽيمون اُتي پهتيون، جاچ ڪرڻ تي خبر پئي ته خالي پيل پلاٽ دڪان جي مالڪ جو ناهي، اهو ٻئي ڪنهن مالڪ جو آهي، جنهن کانپوءِ ڊي ايچ اي پاران چاندني ڪماري ۽ ٻي ڌر کي پلاٽ تي ڪرسيون لڳائڻ کان روڪيو ويو آهي، واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. جڏهن ته چاندني ڪماري وڊيو ۾روئيندي ۽ دانهون ڪندي نظر اچي، چاندني ڪماري وڊيو ۾ چئي رهي آهي ته هي اسان جو پلاٽ ورتو آهي، جيڪو کسيو پيو وڃي، مون مهينن کان پئسا گڏ ڪري هي جاءِ ورتي آهي.