شڪارپور(رپورٽ: وحيد بروهي) شڪارپور ويجهو ڪوٽ شاهو ٿاڻي تان پٽ سوڌو اغوا ڪيل ايس ايڇ او سميت 5 اهلڪار بازياب ٿي ويا
هفتو اڳ ڌاڙيلن ٿاڻي تي چڙهائي ڪري ايس ايڇ او محبوب بروھي، سندس پٽ محمد علي بروھي، وڏي منشي نسيم گوپانگ، اھلڪارن جان محمد بکراڻي ۽ اياز ڪنڀر کي اغوا ڪيو هو
ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جاويد جسڪاڻي ۽ ايس ايس پي شڪارپور خالد مصطفيٰ ڪورائي بازياب ڪرايل ايس ايڇ او ۽ اهلڪارن کي ڪوٽ شاهو ٿاڻي تي وٺي آيا
ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جاويد جسڪاڻي چيو آهي ته ايس ايڇ او سميت اهلڪارن جي بازيابيءَ لاءِ ڌاڙيلن سان ڪا به ڊيل نه ڪئي وئي آهي، پوليس ۽ رينجرز جي گڏيل آپريشن دوران مغوين جي بازيابي عمل ۾ آئي
سندس چوڻ هو ته ڊيل ڪريون ها ته ڌاڙيلن کي ڇڏيون ها، ڌاڙيلن کي چئون ٿا ته ڏوهن جي دنيا ڇڏي ڏين، جنهن کي وڙهڻ جو شوق آهي ته اچي وڙهي
ايس ايس پي شڪارپور خالد مصطفيٰ ڪورائي چيو ته ڏوهارين کي معافي ناهي، اسان ٻيڙا ساڙي نڪتا آهيون، پوليس وارا محافظ آهن، انهن جي عزت ڪريو