شڪارپور ويجھو آپريشن: پيرسن سميت 2 ڄڻا مارجي ويا: مقابلي جي دعويٰ 

شڪارپور ويجھو آپريشن: پيرسن سميت 2 ڄڻا مارجي ويا: مقابلي جي دعويٰ 

شڪارپور/مدئجي (نمائندن وٽان) لکي غلام شاهه لڳ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ شهيد ٿيل ايس ايچ او لکي خميسو خان بروهي جي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو، پوليس موجب واقعي جو ڪيس اي ايس آءِ ظهير بلوچ جي فرياد تي گناهه نمبر 8/2026 تحت داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ قلم 302، 402، 399، 324، 353، 148 ۽ 149 شامل ڪيا ويا آهن، ڪيس ۾ مجموعي طور 18 هٿياربندن کي نامزد ڪيو ويو آهي، جن ۾ قهراڻي جتوئي، جوڻيجا ۽ مڱڻيجا گروپن جا ڏوهاري شامل آهن، نامزد جوابدارن ۾ نظام جوڻيجو، توفيق، عباس، گاهي، ڪاشف، شمس، بخت جوڻيجو، مينهل مڱيجو، امير علي مڱيجو، پرويز قهراڻي جتوئي سميت 8 اڻڄاتل جوابدار شامل آهن، ٻي طرف شهيد ايس ايچ او لکي غلام شاهه خميسو خان بروهي جي شهادت ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ شڪارپور پوليس پاران مرزاپور جي ڪچي واري علائقي ۾ گذريل ٻن ڏينھن کان  آپريشن جاري آهي، پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته آپريشن دوران مبينا مقابلي ۾ 2 جوابدار مارجي ويا آهن،  پوليس موجب هٿياربندن ڦورن خلاف جاري ڪارروائي دوران عبدالغفور جوڻيجو ۽ مٺل عرف مٺو جوڻيجو مارجي ويا آهن، پوليس موجب مارجي ويلن مان عبدالغفور جوڻيجو تي 6 جڏهن ته مٺل عرف مٺو جوڻيجو تي 8 مختلف ڪيس داخل ھئا.ٻي طرف ذريعن موجب  پوليس آپريشن ۾ مٺل عرف مٺو جوڻيجو جنهن تي 8 مختلف ڪيس داخل هجڻ جي دعويٰ ڪئي پئي وئي ان بدران پيرسن دودو جوڻيجو عمر لڳ ڀڳ 70 سالن جو پيرسن مارجي ويو آهي، پوليس موجب دودو جوڻيجو مقابلي دوران مارجي ويو آھي ٻنهي مارجي ويلن جا لاش ضروري ڪارروائي لاءِ مدئجي اسپتال آندا ويا آهن. پوليس پاران جاري ڪيل پريس ريليز ۾ ڄاڻايو ويو ھو ته پوليس آپريشن دوران مقابلي ۾ عبدالغفور جوڻيجو ۽ مٺل عرف مٺو جوڻيجو مارجي ويا آھن.
 

ڏوهه ۾ ملوث ناهيون، پوليس بنا جواز ڪيس ۾ نامزد ڪيو: نظام الدين جوڻيجو
 

شڪارپور: شهيد ايس ايچ او لکي خميسو خان بروهي قتل ڪيس نامزد نظام الدين جوڻيجو سوشل ميڊيا تي وڊيو جاري ڪري وائرل ڪيو آهي ته هو ڏوھ ملوث ناهي، ايس ايس پي شڪارپور جاچ ڪري اصل ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪري اسان کي بنا ڪيس داخل ڪيو يو آهي.
 

 شڪارپور پوليس تي نوجوان کي قتل ڪرڻ جو الزام: وڊيو هٿ

مدئجي: مدئجي جھٻر شيخ ٿاڻي جي حد ۾ نوجوان جو لاش رکي وارثن جي دانهن واري وڊيو پنهنجي اخبار هٿ ڪري ورتي، وڊيو ۾ ڳوٺاڻا چئي رهيا آهن ته پوليس بنا جواز اسان جي گهرن تي مارٽر گولا فائر ڪيا آهن، جنهن ۾ اسان جو نوجوان عبدالرحيم خروس مارجي ويو آهي، جڏهن ته سندس پيءُ حسين بخش خروس زخمي ٿي پيو آهي، ڳوٺاڻن موجب اسان ايس ايچ او جي قتل ۾ ملوث ناهيون،  بنا جواز پوليس اسان جو نوجوان ماريو آهي.