| شڪارپور ويجھو اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا قتل، علائقي ۾ ڏهڪاءُ |
شڪارپور(رپورٽ: وحيد بروھي) شڪارپور ۾ نامعلوم ھٿياربندن ھٿان 2 ڄڻا قتل، لاش اسپتال منتقل، تفصيل موجب: شڪارپور شھر جي نيوفوجداري ٿاڻي جي حد رئيس واھ لڳ سرتاج ڪانٽي ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ٻه ڄڻا قتل ٿي ويا، مقتولن جي سڃاڻپ خانپور تعلقي جي ڳوٺ عالم خان واسي احسان پٽ دودو سعدخاناڻي جتوئي ۽ اياز پٽ اربيلو سعدخاناڻي جتوئي طور ٿي آهي، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويا، اطلاع ملڻ تي نيوفوجداري پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولن جا لاش ضروري قانوني ڪارروائي لاءِ آر بي يو ٽي سول اسپتال شڪارپور منتقل ڪيا، ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او نيوفوجداري اختر ابڙو ٻڌايو ته رئيس واھ لڳ سرتاج ڪانٽي ڀرسان موٽرسائيڪل ٻن موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن ٻن نوجوانن تي سڌي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻئي ڄڻا موقعي تي ئي مارجي ويا، سندس چوڻ ھو ته واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ شروعاتي جاچ موجب واقعو ذاتي دشمني جو لڳي رهيو آهي، ضروري ڪارروائي مڪمل ڪرڻ بعد مقتولن جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، جڏهن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل ٿي نه سگھيو ھو. ٻئي پاسي مارجي ويل نوجوانن جي وارثن صدورو ۽ ٻين الزام هنيو آهي ته سندن نوجوانن کي مھر برادري جي هٿياربندن بي رحمي سان قتل ڪيو آهي، موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوانن کي نشانو بڻايو، جنهن سبب هو موقعي تي ئي مارجي ويا، ھنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ۽ کين سخت سزا ڏني وڃي.