شڪارپور: ٽيڻي قتل ڪيس ۾ 4 جوابدارن کي ٽي ڀيرا موت جي سزا: 2 ڄڻا بري

شڪارپور: ٽيڻي قتل ڪيس ۾ 4 جوابدارن کي ٽي ڀيرا موت جي سزا: 2 ڄڻا بري

شڪارپور (رپورٽ: وحيد بروھي) شڪارپور عدالت ٽيڻي قتل ڪيس ۾ 4 جوابدارن کي ٽي ڀيرا موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي، ڄڻا 2 بري، ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج سميع الله قريشي جي عدالت ٽن ڄڻن جي قتل واري ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي چار جوابدارن کي ٽي ڀيرا سزائي موت سميت مختلف سزائون ٻڌائي ڇڏيون، جڏهن ته ٻن جوابدارن کي ثبوت نه هجڻ سبب بري ڪري ڇڏيو، عدالتي فيصلي موجب جوابدار عبدالحفيظ، اياز عرف ملنگ، امجد ۽ منير خان عرف مُنو کي ٽن قتلن جي ڏوهه ۾ ٽي ڀيرا سزائي موت ۽ قانون موجب ٻيون مختلف سزائون پڻ ٻڌايون ويون، عدالتي رڪارڊ موجب جوابدارن 5 مارچ 2020ع تي ڪرن شريف ٿاڻي جي حد ۾ فائرنگ ڪري ڪامران علي، لعل بخش ۽ عمران علي کي قتل ڪيو، جڏهن ته پرويز احمد کي سخت زخمي ڪيو هو. عدالت مقتولن جي وارثن کي مجموعي طور 15 لک رپيا معاوضو ادا ڪرڻ ۽ زخمي پرويز احمد کي 50 هزار رپيا معاوضو ڏيڻ جو پڻ حڪم جاري ڪيو، فيصلي ۾ عدالت جوابدار اياز عرف ملنگ جي پٽن عمران ۽ امتياز کي مددگار هجڻ واري الزام مان ثبوت نه هجڻ سبب بري ڪري ڇڏيو. جڏهن ته فرار ٿيل جوابدار علي گل عرف جمن خلاف ڪيس سندس گرفتاري تائين فائل ۾ رکڻ جو حڪم ڏنو ويو.