شڪارپور ڀرسان پيپلزپارٽي اڳواڻن جي گاڏي ڪلٽي، 5 ڄڻا فوت، سوڳ جو اعلان
ڊسمبر 1, 2023
شڪارپور ويجهو ڪوئيٽا ۾ پيپلزپارٽي جي جلسي مان واپس موٽندڙ جيالن جي گاڏيءَ سان خوفناڪ حادثو پيش آيو
تيز رفتار ڪار ڪلٽي ٿي کاهيءَ ۾ ڪرڻ سبب نوشهروفيروز واسي 5 ڪارڪن فوت ٿي ويا
فوتين ۾ نادر چانڊيو، ڳهڻو خان ٽڳڙ، مظفر ڀٽو، شڪيل ميمڻ ۽ رضوان سومرو شامل آهن، فوتين جا لاش آر بي يو ٽي سول اسپتال منتقل ڪيا ويا
پيپلزپارٽي نوشهروفيروز ضلعي جي قيادت پاران حادثي ۾ 5 ڪارڪن فوت ٿيڻ تي 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي