شڪارپور ۽ گهوٽڪي ۾ امن آهي، جرڳائين تي ڪيس ٿيا آهن: آءِ جي

مَي 23, 2023

آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ نڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سان سندس چيمبر ۾ ملاقات ڪري صوبي ۾ ڏوھن بابت رپورٽ پيش ڪئي،  ملاقات بعد آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته اسٽريٽ ڪرائم هڪ پراڻو مسئلو آهي، سماج ۽ پوليس کي گهرجي ته جنھن سا به ڏوهه ٿئي،

انهي سان گڏ بيهي، هن چيو ته جيڪڏهن ڪو ڏوهه ٿئي ٿو ته  انهي جي ايف آءِ آر داخل ٿيڻ گهرجي، مون ايس ايچ اوز کي چيو آهي ته ڏوهه گهٽائڻ لاءِ ايف آءِ آر داخل نه ڪرڻ درست عمل ناهي، آئون ڪيس داخل ڪرڻ ۾ لاپرواهي ڪندڙ ايس ايچ اوز کي ھٽائي ڇڏيندو آھيان، جيڪڏهن لاپرواهي ڪندڙ آفيسرن کي سزا ڏني وڃي ته انهي جا سٺا نتيجا نڪرندا،

هن چيو ته ڪيسن جي بهتر جاچ ڪندڙ جاچ آفيسرن کي انعام پڻ ڏنا ويا آهن، اسان سنڌ حڪومت کي چيو آهي ته سٺي ڪارڪردگي تي پوليس آفيسرن کي ايوارڊ ڏيڻ لاءِ الڳ فنڊ مختص ڪيا وڃن، ھن وڌيڪ چيو ته منشيات ڪيس ۾ موت جي سزا ڏيارڻ تي ڪيس جي جاچ آفيسر کي گهٽ ۾ گهٽ ٽي لک رپيا انعام ڏنو ويندو،

لاڳاپيل پوسٽون

  • ايران جو صبح سوير اسرائيل تي وڏو حملو ، 100 کان وڌيڪ ميزائل فائر، 14 اسرائيلي مارجي ويا ۽ 380 زخمي ٿيا

  • ساڍا 4 سئو پاڪستاني وطن واپس

  • ايران جو وڏو جواب، اسرائيل مٿان 50 ميزائل فائر

  • ڀارت، پاڻيءَ کي هٿيار طور استعمال ڪري پيو: بلاول