شڪارپور ۾مهان ڪوي شيخ اياز جي 28هين ورسي ملهائي وئي: ڀيٽا پيش

شڪارپور ۾مهان ڪوي شيخ اياز جي 28هين ورسي ملهائي وئي: ڀيٽا پيش

شڪارپور (رپورٽ: وحيد بروھي) شڪارپور پريس ڪلب ۾ شيخ اياز جي ورسي ملھائي وئي،سنڌي ادبي سنگت شاخ شڪارپور پاران شيخ اياز جي 28ھين ورسي جي تقريب نامور شاعر امر اقبال جي صدارت ھيٺ پريس ڪلب شڪارپور ۾ ٿي گذري، تقريب جو مک مھمان ڪھاڻيڪار ابراهيم کرل ھو، اعزازي مھمانن ۾ زاھد سنڌو، ڊاڪٽر عامر عباس، ضياءُ شاھ ۽ پروفيسر ڊاڪٽر شريف “شاد” سومرو ھيو. آجياڻو پرس ڪلب شڪارپور جي نئين بنا مقابلي چونڊيل صدر عبدالسلام انڙ پيش ڪيو، سنڌي ادبي سنگت شاخ شڪارپور جي سيڪريٽري زبير سومرو ڳالھائيندي چيو ته شيخ اياز شڪارپور ۾ ڄايو، ان ڪري ھن جي سالگرهه ۽ ورسي اسان مٿان قرض آهي، جيڪو اسان شاخ طرفان ھر سال ملھائيندا آهيون ۽ ملھائيندا رھنداسين، اعزازي مھمان زاھد سنڌو ڳالھائيندي چيو ته نوجوان ٻيو ڪجھه نه رڳو اياز جا لکيل ڪتاب پڙھن ته به سندن رھنمائيءَ لاءِ ڪافي آهي. ضياءُ شاھ چيو ته شيخ اياز جو دور انقلابي دور ھو ۽ اياز به پنهنجي دور جي حساب سان انقلابي شاعري ڪئي. تقريب جي صدارت ڪندڙ مشهور شاعر امر اقبال  چيو ته شيخ اياز ويھين صديءَ جو تمام وڏو شاعر آهي، ھن جيڪو ڪجھه لکيو ڪمال جو لکيو، ايترو تائين جو ھن جيڪڏھن فل اسٽاپ يا ڪاما لکي اها به بغير مقصد جي نه لکي،آخر ۾ نوجوان راڳي عبدالرحمان سومرو شيخ اياز جي وائي ڳائي محفل کي جھومائي ڇڏيو، تقريب جي ڪارروائي منفرد سوچ جي مالڪ ۽ نوجوان شاعر زبير ساجن ھلائي.