شڪارپور ۾ آرمي چيف هاڪي چيمپئن شپ مهراڻ ڪلب کٽي ورتي

شڪارپور ۾ آرمي چيف هاڪي چيمپئن شپ مهراڻ ڪلب کٽي ورتي

شڪارپور (رپورٽر) شڪارپور ۾ ٿرڊ چيف آف آرمي اسٽاف نيشنل انٽر ڪلب هاڪي چيمپئن شپ 2026ع جو فائنل عبدالرحمان شيخ هاڪي اسٽيڊيم ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ شهيد شيراز هاڪي ڪلب ۽ مهراڻ هاڪي ڪلب وچ ۾ مقابلو ٿيو. فائنل مهراڻ هاڪي ڪلب 3–0 گولن سان ڪاميابي ماڻي ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو. مهراڻ هاڪي ڪلب طرفان محمد طاهر، شاهزير شاهه ۽ عبدالباسط هڪ هڪ گول ڪيو، جڏهن ته شهيد شيراز هاڪي ڪلب ڪو به گول نه ڪري سگهيو، مهمانِ خاص اسسٽنٽ ڪمشنر محمد فيضان چيما، چيئرمين ضلع زڪوات ڪميٽي رئيس عمران ناپر، سيڪريٽري سنڌ هاڪي ايسوسيئيشن محمد رمضان جمالي، جميل احمد شيخ، اعجاز احمد کوکر، آغا عبدالرؤف پٺاڻ، استاد عبدالوهاب ڪاغذي، نصرالله ميمڻ، محمد ابراهيم بروهي، زخمي رشيد مهر، عتيق ڌڪڙ، ظفر کوکر، فياض لاشاري، داد محمد بلوچ ۽ ٻيا هئا. ونر ۽ رنر اپ ٽيمن ۾ ٽرافيون، ڪيش پرائز ۽ شرٽون تقسيم ڪيون ويون