شڪارپور ۾ اڍائي سال اڳ پسند شادي ڪندڙ نوجوان گھر ٻاھران گوليون ھڻي قتل
ڊسمبر 16, 2024
شڪارپور (رپورٽ: عبدالوحيد بروهي) شڪارپور شھر جي لکيدر ٿاڻي جي حد حاجي لطيف شاھ پاڙي ۾ اڻ ڄاتل ھٿياربندن گھر ٻاھران بيٺل نوجوان کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس موجب نوجوان فاروق علي پٽ قائم علي ڪمبوھ کي موٽر سائيڪل سوار اڻ ڄاتل ھٿياربندن گوليون ھڻي زخمي ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا، کيس سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ھو زخمن جا سور نه سھندي دم ڏئي ڇڏيو، مقتول نوجوان جي وارثن مطابق واقعو پراڻي سڱاوتي تڪرار تان پيش آيو آھي، نوجوان اڍائي سال اڳ ڊکڻ مان ٻوھيڙا ڌر جي ڇوڪريءَ سان عدالت ۾ پسند جي شادي ڪئي هئي، جنھن مان کيس ٻن ٻارن جو اولاد پڻ ھو،کين شڪ آھي ته ٻوھيڙا ڌر جي ھٿياربندن کيس قتل ڪيو آھي، اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ھوڏانھن پوليس مطابق واقعو پراڻي دشمني لڳي رھيو آھي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.