ميونسپل ڪاميٽي شڪارپور تي چيئرمين شپ لاء شيخ ڀائرن فريال ٽالپر آڏو فياض محمود شيخ کي چيئرمين لاء سامھون آندو ويو جنھن جي ڪري عقيل عباس سومرو کي آئوٽ ڪيو ويو
پ پ جي سينئر اڳواڻ آفتاب شعبان ميراڻي ۽ سومرا خاندان جي حمير سومرو پاران پ پ جي سٽي صدر ۽ اڳوڻو چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي عقيل عباس سومرو کي ٽڪيٽ وٺرائڻ لاءِ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري گان گھر ڪئي ھئي پر تنھن باوجود صوبائي وزير امتياز شيخ ميونسپل ڪاميٽي پنھنجي ڀاء مقبول احمد شيخ ۽ پنھنجي حوالي ڪري ڇڏيو
ياد رھي ته شڪارپور ضلعي ڪائونسل جي چيئرمن لاء اڳوڻو ايم پي اي ذوالفقار خان ڪماريو کي چونڊرائي ڀيو ڀائرن کي پاسيرو ڪيو ويو
جڏھن ته شڪارپور ميونسپل جي چيئرمن لاء صوبائي وزير امتياز شيخ جو ڀائيٽو ۽ اڳوڻو صوبائي وزير فياض محمود شيخ، وائيس چيئرمين لاء امتياز شيخ پنھنجو ويجھو ساٿي وسيم صديقي کي مقرر ڪرايو ويو جنھن جي ڪري پ پ حلف کڻڻ کان اڳ ئي ڌڙابندي جو شڪار ٿي چڪ آھي