| شڪارپور ۾ سکر جي ٻن واپارين کان 25 لک ڦر، واقعي خلاف ڌرڻو: روڊ بلاڪ |
شڪارپور(رپورٽ: وحيد بروھي) شڪارپور شھر جي اسٽور گنج ٿاڻي جي سامھون ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار 4 ھٿياربندن سکر جي واپاري ڀائرن منير ڀيو ۽ نادر ڀيو کان 25 لک 80 ھزار رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا، واقعي بعد واپاري اناج منڊي جي صدر سميع الله جي اڳواڻي ۾ وڏي تعداد ۾ اسٽورٽ گنج ٿاڻي تي پھتا جتي ھنن ڦر واقعي کان نامعلوم ھٿياربندن خلاف اين سي داخل ڪئي وئي، ھوڏانھن اناج منڊي جي واپارين شڪارپور-جيڪب آباد باءِ پاس تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، متاثر واپارين نادر ڀيو ۽ منير ڀيو چيو ته هٿياربند 25 لک رپيا روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا، پوليس جوابدارن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.