شڪارپور ۾ صوبائي وزير ذوالفقار شاهه جي کلي ڪچهري، شڪايتن جا انبار

شڪارپور ۾ صوبائي وزير ذوالفقار شاهه جي کلي ڪچهري، شڪايتن جا انبار

شڪارپور(رپورٽر) صوبائي وزير سياحت  ۽ ثقافت سيد ذوالفقار علي شاهه شڪارپور پهچي ڊي سي آفيس ۾ کلي ڪچهري جي اڳواڻي ڪئي، جتي شهرين، صحافين ۽ سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري پنهنجا مسئلا پيش ڪيا، کلي ڪچهري ۾ ايم اين اي شهريار مهر، صوبائي وزير امتياز احمد شيخ، ايم پي اي آغا شهباز دراني، ايم اين اي عارف مهر، صوبائي صلاحڪار بابل ڀيو، ضلعي چيئرمين ذوالفقار خان ڪماريو، ڊپٽي ڪمشنر شڪيل احمد ابڙو، ايس ايس پي شاهزيب چاچڙ، صوبائي توڙي وفاقي کاتن جا آفيسر، شهرين ۽ صحافين شرڪت ڪئي، کلي ڪچهري دوران شهرين صوبائي وزير کي ضلعي اندر امن امان، ڀتاخوري، قبائلي جهيڙن، پوليس جي ڪارڪردگي، صحت کاتي، اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ ۽ ٻين بنيادي مسئلن بابت درخواستون ۽ شڪايتون پيش ڪيون، صوبائي وزير مسئلا ٻڌي لاڳاپيل آفيسرن کي هدايتون جاري ڪندي جلد حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، ان موقعي تي پريس ڪانفرنس ڪندي سيد ذوالفقار علي شاهه چيو ته ڪچهرين جون مقصد عوام جا مسئلا حل ڪرڻ آهي، وڏا مسئلا وزيراعليٰ سنڌ آڏو پيش ڪيا ويندا.