شڪارپور ۾ فائرنگ، 4 ڄڻا مارجي ويا
جُون 12, 2025
شڪارپور (پنهنجي ڊيسڪ) شڪارپور ۾ ڪار تي هٿيار بندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 4 ماڻهو مارجي ويا آهن، پوليس موجب فائرنگ جو واقعو شڪارپور واري علائقي ڳڙهي ياسين ٽول پلازا جي ويجهو پيش آيو، جتي اڻڄاتل هٿياربندن هڪ ڪار تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ماڻهو ٿڏي تي مارجي ويا.
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعو ٻن گروپن جي وچ ۾ دشمني جو نتيجو لڳي ٿو، پر لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن ۽ جوابدارن جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي.