شڪارپور ۽ پني عاقل جي گڏيل علائقن ۾ ٻن سالن کان ھلندڙ جتوئي مھر تڪرار فائر بندي کانپوءِ صلح طرف وڌي ٿو ته وري جھيڙو ڪرايو پيو وڃي، ھن خوني ويڙھ جا ڪارڻ ڪھڙا آھن، اھا ته خبر ناھي پر اھيو واضح ٿئي پيو تہ جتوئي مھر تڪرار ڏھڪاءُ وارو ۽ وڌيڪ نقصانڪار جھيڙو آھي ڇاڪاڻ ته ڪافي ذاتين ۾ اھڙا به جھيڙا ھوندا آھن تہ ماڻھو دشمن کي سامھون ڳولڻ جي ڪوشش ڪندا آھن پر ھن جھيڙي ۾ خبر ئي نه پوندي آهي ته ممڻ مچائيندڙ ڪير آھن؟ ھن جھيڙي ۾ وري ماڻھو الٽو تعارف ڪرائي ڪجھ پاڻ کي بچائيندا آھن تہ ھُن بااثر يا چڱي مڙس جا ماڻھو آھيون ته ڪجھ نہ ڪجھ معافي ھجي ٿي، نه ته ماڻھن کي گھلي تذليل جو نشانو بڻائي ماريو ويندو آھي، ڏک جي ته اھا به ڳالھ آھي تہ ٻن سالن اندر جتوئي ۽ مھر تڪرار ۾ 44 ماڻھو قتل ٿي چڪا آھن، جنھن ۾ معصوم ٻارڙن کان وٺي پيرسنن تائين شامل آھن، جڏھن ته ھڪ واٽھڙو نوجوان منيب ڀيو به شامل آھي.
ھن خوني تڪرار جو ھڪ دفعو پھريان به نومبر 2024 ۾ سرچاءُ ۽ فيصلو ڪرايو ويو ھو، ان وقت ٽوٽل 8 ماڻھو قتل ٿيل ھئا پر وري ضابطن جي ڀڃڪڙي کانپوءِ جھيڙو شروع ٿيو، جنھن ۾ انگ وڌي 44 ٿي ويو آھي. اسان جي ته ڪيفيت اھا آھي ته جڏھن معمولي ڳالھ تان شروع ٿيل جتوئي مھر تڪرار ۾ قتل ٿي ويل 44 ماڻھن جو انگ ڳڻيون ٿا ته دل وڍجي پوي ٿي پر ماڻھن جو ضمير فلمي ڊائلاگن تي بيھجي ويو آھي، ڀلي ھڪ ڌر جا چار ماڻھو قتل ٿي وڃن پر ڪرمنل رڪارڊ رکندڙ ماڻھو فائرنگ ڪري خوشيون ملهائيندا آھن يا ھار پائي ھڪٻئي کي مبارڪون ڏيندا آھن تہ وري اھي ئي وڊيو کڻي ڪرمنل ذھن وارا ڏوھاري ويب سائيٽن تي وائرل ڪري وڌيڪ نفرت پکيڙڻ سان گڏ ويوز ڪمائڻ کان وٺي يوٽيوب تان پئسا ڪمائڻ جي بہ ڪوشش ڪندا رھن ٿا. ائين ئي پورھيت ۽ بيروزگار ماڻھو گھرن ٿا ته قبيلائي ويڙھ ختم ٿئي ته اسان جون بيگناھ زندگيون بچي پون. قبيلائي دھشتگردي جي ور چڙھي موت جي منھن ۾ نه اچي وڃون- پر ڪرمنل ذھن رکندڙ ھڪ ماڻو اڳواٽ تجزيا پيش ڪري رھيا آھن ته ممڪن آھي تہ 30 نومبر 2025 تي مقرر ڪيل جتوئي مھر تڪرار جي تاريخ ملتوي ٿي وڃي، ڇاڪاڻ ته ھڪ ته اھڙو بيڪار قسم جو بيان ڪرڻ تي کين ويوز وڌيڪ ملن ٿا. ۽ ٿيو به ائين آهي. اهو رکيل فيصلو ملتوي ٿي ويو آهي ۽ هڪ ڌر جي با اثر سنڌ جي وڏي وزير کي جهيڙو ختم ڪرائڻ جي اپيل ڪري ڇڏي آهي. دراصل ڪي ماڻهو اهو نٿا چاھين ته علائقو پر امن ھجي، پر اھڙي طرح جا غلط تجزيا ڪرڻ جا خوني تڪرارن کي ھٿي ڏيڻ واريون وڊيوز شيئر ڪرڻ سان علائقي واسين ۾ خوف پکڙجي وڃي ٿو.
ھن وقت شڪارپور جي صورتحال جي ڳالھ ڪجي ته قبيلائي دھشتگردي سبب لاگاپيل برادرين جا ماڻھو پريشان آھن تہ جھيڙو ختم ٿئي ۽ امن بحال ٿي وڃي، پر ھي جھيڙا ھٿ سان ڪرائي وري پاڻ ختم ڪرايا ويندا آھن. اھو ائين آھي ته ٻنھي ڌرين جي چڱن مڙسن آڪٽوبر مھيني ۾ فائر بندي ڪرائي ته جلد تاريخ طئي ڪري صلح ڪرائبي، جيڪا تاريخ 30 نومبر 2025 تي مقرر ڪئي وئي هئي، پر ان کي ختم ڪرائڻ لاء نئين قسم جا حربا استعمال ڪيا ويا ۽ اها ڪينسل ڪرائي وئي آھي. ٿيندو ائين آهي ته ھڪ ڌر جا ماڻھو جھيڙي بابت غلط ڄاڻ ڏئي مخالف ڌر تي الزام ڏياري ڇڏين ٿا، جيئن ھو ڀڃڪڙي ڪري يا وري ڪا ڌر ڀڃڪڙي به ڪري ٿي تہ ان کي تسليم ڪري ڀڃڪڙي ڪندڙ ڌر کي سزا ڏيڻ بدران نشاندهي ڪندڙن کي حراسان ڪيو وڃي ٿو، جنھن مان به واضح ٿئي ٿو ته شڪارپور ۽ پني عاقل جي گڏيل علائقن ۾ ھلندڙ جتوئي مھر تڪرار چڱن مڙسن لاءِ مفاد به آھي ته ڪرمنل ذھن رکندڙ سوشل ايڪٽويسٽس لاءِ ڪاروبار به. ڇاڪاڻ ته ھو جھيڙن بابت صحيح خبرن کي به غلط رنگ ۾ پيش ڪري تڪرار کي وڌائين ٿا. توڙي جو ماڻھو کين تنقيد وارا ڪمينٽس ڪن ٿا تہ تڏھن بہ کين فائدو ٿئي ٿو. ھنن جا لکن ۾ ويوز وڌي وڃن ٿا، ۽ سندن خلاف ڪارروائي به نه ٿي ڪئي وڃي پر ٿيڻ ته ائين گھرجي ته سندن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.
جتوئي مھر تڪرار شڪارپور ضلعي ۾ اھم مسئلو آھي، ان جهيڙي کي ھوا ڏيڻ وارن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ کپي ۽ ۽ حڪومت کي نوٽيس وٺي جتوئي مھر تڪرار جو جلد خاتمو ڪرائڻ کپي، نه ته ھي جھيڙو وڌي ويو ته جيئن 8 خونن کان وڌيڪ انگ 44 ٿي ويو آھي، ائين اڃا به اڳتي وڌي ويو ته تمام گھڻو نقصان ٿي ويندو، ھي جھيڙا جھيڙيندڙ ڌرين لاءِ بہ “لاڀائتا” ثابت ٿيندا نظر اچن ٿا، ڇاڪاڻ ته رستي ويندڙ بيگناھن کانسواءِ ڌرين مھرن جو گهٽ نقصان ٿيو آھي، اگر سندن ڪجھ ھٿياربند زخمي به ٿين ٿا ته کين سندن چڱن مڙسن پاران (ذريعن مطابق) رحيم يار خان اسپتال منتقل ڪري انهن جو علاج به مفت ۾ ڪرايو ويندو آهي.