| شڪارپور ۾ هاڪي چيمپئن شپ شروع، شيراز ڪلب ڪامياب |
شڪارپور (رپورٽ: وحيد بروھي) ٿرڊ چيف آف آرمي اسٽاف نيشنل انٽر ڪلب ھاڪي چيمپئن شپ 2026ع شڪارپور ۾ به شروع ٿي وئي. افتتاح اڳوڻي صوبائي وزير ۽ ايم پي اي شڪارپور امتياز احمد شيخ ڪيو. پھرين ميچ شھيد شيراز ھاڪي ڪلب ۽ ڀٽائي ھاڪي ڪلب وچ ۾ ٿي، شھيد شيراز ھاڪي ڪلب ٻن گولن تان کٽيو. محمد سعد ۽ نجف علي هڪ هڪ گول ڪيو، ڀٽائي ڪلب جو ياسر علي هڪ گول ڪيو. ريفري عرفان سومرو ۽ آغا عبدالرؤف هئا. ٿرڊ امپائر الطاف احمد هو. امتياز احمد شيخ ڊسٽرڪٽ ھاڪي ايسوسيئيشن لاءِ ٻه مڪمل گول ڪيپر ڪٽ پڻ فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو.