شڪارپور ۾ وڌندڙ قبائلي جھيڙن خلاف نوجوان نڪري آيا

شڪارپور ۾ وڌندڙ قبائلي جھيڙن خلاف نوجوان نڪري آيا

شڪارپور(رپورٽر) شڪارپور ۾ وڌندڙ قبائلي جهيڙن، بيگناهن جي قتل ۽ امن امان جي خراب صورتحال خلاف شهرين پاران راشد لاشاري، فهد شهزاد سولنگي، علي قريشي، احسان جيهو، شهباز لهر، سراج شاهه، عمران منگي، سعيد سومرو، عادل شيخ سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ لائبريري چوڪ کان هزاريدر تائين وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ نوجوانن سميت سوين شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،  اڳواڻن چيو ته شڪارپور ۾ قبائلي تڪرارن جي نالي تي رت جي راند گذريل ڪيترن سالن کان جاري آهي جنهن سبب ڪيترائي بيگناھ نوجوان، عورتون ۽ معصوم ٻارڙا قتل ٿي رهيا آهن، جڏهن ته انتظاميا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا خاموش تماشائي بڻيل آهن، هنن چيو ته شڪارپور، جيڪا علم، ادب ۽ امن جي سڃاڻپ رکي ٿي اڄ خوف ۽ دهشت جي علامت بڻجي وئي آهي، احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته قبائلي جهيڙن ۾ ملوث جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪري غيرقانوني هٿيارن جو خاتمو آندو وڃي، شهرين چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن قبائلي جهيڙا ختم نه ڪيا ويا ۽ بيگناھ ماڻھن جو قتل بند نه ٿيو ته هو احتجاج جو دائرو وڌائيندا ۽ باقاعده  تحريڪ شروع ڪرڻ تي مجبور ٿيندا، جنهن جي مڪمل ذميواري ضلعي انتظاميا ۽ حڪومت تي هوندي.