شڪارپور ۾ ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، فائرنگ ۾ نوابشاهه واسي واٽهڙو نينگر قتل

شڪارپور ۾ ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، فائرنگ ۾ نوابشاهه واسي واٽهڙو نينگر قتل

شڪارپور (رپورٽ: وحيد بروھي) شڪار ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نينگر قتل ٿي ويو، شهر جي اسٽورٽ گنج ٿاڻي جي حد ٺارو پور پاڙي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ سبب 14 سالن جو نوابشاھ واسي محمد سليم بروهي مارجي ويو، واقعي کانپوءِ مقتول جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ آر بي يو ٽي سول اسپتال شڪارپور منتقل ڪيو ويو، ان موقعي تي مقتول جي پيءُ ارباب بروهي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان نوابشاهه جا رهواسي آھيون  مائٽن جي شادي ۾ شرڪت لاءِ شڪارپور آيل هئاسين منھنجو پٽ سليم گهٽي ۾ ٻاهر نڪتو ته پاڻ ۾ جهيڙيندڙ ڌرين وچ ۾ هلندڙ فائرنگ دوران گوليون لڳڻ سبب فوت ٿي ويو ھن چيو ته اسان جي ڪنهن سان به ڪا دشمني ناهي پٽ بيگناهه ماريو ويو، انصاف فراهم ڪيو وڃي، اسٽورٽ گنج پوليس جو چوڻ ھو ته  واقعو سومرو ۽ ڀيو ڌرين وچ ۾ هلندڙ پراڻي ڪارنھن تڪرار تان پيش آيو آهي، جڏهن ته واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. مقتول جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪي لاش کڻي نوابشاھ روانا ٿي ويا، ھوڏانھن آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل ٿي نه سگھيو ھو.