شڪارپور ۾ پراڻي تڪرار تان حملو، زخمي نوجوان ايمبولينس ۾ گوليون هڻي قتل

شڪارپور ۾ پراڻي تڪرار تان حملو، زخمي نوجوان ايمبولينس ۾ گوليون هڻي قتل

شڪارپور(رپورٽر) شڪارپور شهر جي نيوفوجداري ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عطا محمد عرف عطو شيخ جو نوجوان پٽ جاني شيخ گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو،  جنهن کي فوري طور آر بي يو ٽي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ڊاڪٽرن پاران طبي امداد ڏيڻ بعد کيس وڌيڪ علاج لاءِ سکر جي اسپتال ڏانهن ريفر ڪيو ويو زخمي جاني شيخ کي سکر منتقل ڪرڻ لاءِ ويندڙ ايمبولينس تي حملو ڪري زخمي نوجوان کي ٻيهر گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ايمبولينس ۾ ساڻس گڏ ويٺل پرويز پٽ سليمان پڻ زخمي ٿي پيو، واقعي جي اطلاع ملندي ئي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي،ٻئي طرف شڪارپور ۾ اڳ کان بروهي–شيخ تڪرار هلندڙ هو، اڄ شيخ برادري پاران ميڙ منت قافلو بروهي برادري ڏانهن اماڻيو ويو هو پر بروهي برادري پاران فيصلي کان انڪار ڪيو ويو ھو، ڪارو ڪاري تان شروع ٿيل هن جهيڙي ۾ هن وقت تائين هڪ عورت سميت پيءُ پٽ واحد بخش بروهي، تنوير بروهي، صدام شيخ، جاني شيخ سميت 5 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن.