شڪارپور ۾ پوليس اهلڪار جي شهادت ۾ ملوث هڪ جوابدار مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ

شڪارپور ۾ پوليس اهلڪار جي شهادت ۾ ملوث هڪ جوابدار مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ

شڪارپور (رپورٽ: وحيد بروھي) شڪارپور پوليس ۽ حساس ادارن جي ڪارروائي، پوليس پاران مبينا مقابلي دوران هڪ گهربل ڏوهاري کي مارڻ جي دعويٰ ، پوليس موجب اسٽورٽ گنج ٿاڻي جي حد شر لاڙو باءِ پاس ڀرسان ڏوھه جي ارادي سان بيٺل هٿياربند جوابدارن سان پوليس جو مبينا مقابلو ٿيو جنهن دوران ٻنهي ڌرين وچ ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ جوابدار مارجي ويو، جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، مارجي ويل جوابدار جي سڃاڻپ امير بخش جتوئي ڪمالاڻي طور ٿي آهي جيڪو پوليس اهلڪار ڪانسٽيبل صدام اوٺو جي شهادت واري ڪيس ۾ گهربل هو، پوليس جو چوڻ ھو ته جوابدار خلاف منشيات، قتل، ڌاڙي، چوري ۽ پوليس مقابلن سميت 13 کان وڌيڪ ڪيس داخل هئا جڏهن ته هو مختلف وارداتن ۾ پڻ سرگرم هو، پوليس دعويٰ ڪئي ته مارجي ويل جوابدار جي قبضي مان هڪ ڪلاشنڪوف ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون آهن، واقعي کانپوءِ فرار ٿيل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، ايس ايس پي شڪارپور محمد ڪليم ملڪ چيو آهي ته امن امان جي صورتحال کي بھتر بڻايو ويندو، جڏهن ته پوليس اهلڪار جي شهادت ۾ ملوث سمورن ڏوهارين جو انجام جيل يا موت کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه هوندو. هوڏانهن سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته شهيد ڪانسٽيبل صدام اوٺو جي قتل ۾ ملوث جوابدار جي مارجي وڃڻ ھڪ اهم ڪاميابي آهي، فرار ٿيل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪيل آپريشن وڌيڪ تيز ڪيو وڃي.