شڪارپور ۾ پيش ٿيل ڪچي جو بدنام ڏوهاري پوليس تحويل مان فرار، 4 اهلڪار گرفتار

شڪارپور ۾ پيش ٿيل ڪچي جو بدنام ڏوهاري پوليس تحويل مان فرار، 4 اهلڪار گرفتار

رستم(رپورٽ: طيب جتوئي) شڪارپور ڊسٽرڪٽ جيل جو قيدي فرار ، پوليس ۾ ٿرٿلو، چئن اھلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، ان ڏس ۾  پنھنجي اخبار کي مليل ڄاڻ موجب ته 3 آگسٽ سومر جي ڏينھن شڪارپور ڊسٽرڪٽ جيل مان عدالت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ آندل بدنام ڏوھاري واحد علي عرف ملان پٽ ڀاڳيو تيغاڻي عدالت ٻاهران پوليس تحويل مان فرار ٿي ويو، اھلڪار کيس ڳوليندا رھيا، پر خبر لکڻ وقت تائين نه ملي سگھيو، فرار ٿيل قيدي بابت ٻڌايو پيو وڃي ته ھو 22 آڪٽوبر 2025 ۾ سرينڊر پاليسي جي پھرين فيز ۾ پوليس وٽ پيش پيو ھو، مٿس 45 کان وڌيڪ ڪيس داخل ھئا، پنجاھه لک رپيا انعام به مقرر ڪرڻ جي سفارش ٿيل ھئي، ھن خلاف قبيلائي جھيڙن جا به ڪيس داخل ھئا، جنھن ڪري پرائيويٽ فريادي ڪيس واپس وٺڻ کان انڪاري بڻيل ھئا، ڏوھاري وجهھ وٺي فرار ٿي ويو، ذريعن کان اھا به ڄاڻ ملي آھي ته ڏوھاري جي فرار ٿي وڃڻ بعد سندس ساٿين پاران خوشي مان ڪچي ۾ فائرنگ به ڪئي وئي، ٻئي طرف شڪارپور پوليس پاران نيو فوجداري ٿاڻي تي پوليس لائين جي ايس آءِ پي شير محمد شيخ جي فرياد تي چئن پوليس اھلڪارن عبدالرشيد چنا، مير محمد چانگ، موسيٰ سيٺار، ۽ عاشق ڀٽو خلاف لاپرواهي جو ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو ويو، ھوڏانھن جيل انتظاميا پاران به تصديق ڪئي وئي ته قيدي اھلڪارن کان فرار ٿي ويو آھي، پر ان ۾ جيل پوليس جي ڪا لاپرواهي شامل ناهي.