شڪارپورڪرمپور/چڪ (رپورٽ: وحيد بروھي/ صفيع الله بجاراڻي/ آزاد انور مهر) شڪارپور جي علائقي رستم ڀرسان سئي گئس ملازم عبدالستار سيٺار ۽ سندس ساٿي گلشير سيٺار کي ڏوھاري اغوا ڪري ويا
وارثن جو چوڻ ھو ته ڳوٺ ٻورڙي سيٺار کان سئي گئس آفيس ٻنهي ڄڻن کي سحري ڪرائڻ لاءِ پهتاسين ته مغوين جو اتان سامان مليو، جنهن بعد سندن اغوا ٿيڻ جي تصديق ڪري پوليس کي اطلاع ڪيوسين
ھوڏانھن ٻئي پاسي شڪارپور جي ناپر ڪوٽ ٿاڻي جي حد ڪرمپور لاڙي تان ٻه مستري ڳوٺ الھورايو پھوڙ واسي عمران پھوڙ ۽ چنيسر پھوڙ کي ڌاڙيل اغوا ڪري ويا، ٻڌايو پيو وڃي ته ٻئي ٿريشر ٺاھڻ جا مستري ھئا جيڪي دڪان ۾ ستل ھئا ته رات جو اغوا ٿي ويا
ياد رھي ته شڪارپور ضلعي مان منظور لاشاري، معشوق لاشاري، ثناءُ الله سومرو، بشير احمد پهوڙ، علي نواز بروهي، اسرار احمد بروهي، سميت 11 ڄڻا ڌاڙيلن جي قيد ۾ آھن جن کي پوليس بازياب ڪرائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آھي
مغوين جي گھرن ۾ روڄ راڙو متل آهي، جڏهن ته شڪارپور شهر ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڦورن جو راڄ قائم آهي ڦرون، ڌاڙا ۽ چوريون روز جون معمول بڻيل آهن
شڪارپور پوليس آپريشن نالي لکين روپيا خرچ ڪيا پر نتيجو نه نڪتو
شڪارپور ضلعي ۾ مغوين جو انگ 11 ٿي وڃڻ باوجود پوليس مغوين جي بازيابيءَ لاءِ ڪنهن به قسم جون سنجيده ڪوششون نظر نه ٿيون اچن، وڌندڙ بدامني جي باهه کي وسامڻ توڙي مغوين جي بازيابيءَ لاء هتان جا چونڊيل نمائندا توڙي سياستدان پڻ امن امان جي قيام توڙي مغوين جي بازيابيءَ لاءِ عملي ۽ سنجيده قدم کڻڻ بدران تماشو ڏسڻ لڳا آهن
ماضي ۾ پئرس سڏيو ويندڙ شڪارپور بدامني جي ور چڙهيل آهي
ڪنهن دور ۾ پئرس سڏيندڙ ۽ امن جي نالي سان سڏيو ويندڙ شڪارپور هن وقت بدامني جي ور چڙهيل آهي، ڪو ڏينهن خالي ناهي جيڪو امن سان گذريو هجي، هر پاسي بدامني جون دانهون آھن ڪٿي اغوائن جون وارداتون پيش اچي رهيون آهن ته ڪٿي ڦرلٽ ۽ مارا ماري
ڀنگ نه ملڻ تي ڏوهارين 2 ڏينهن اڳ مغوي منظور لاشاري کي گولي هنئي هئي
2 ڏينھن اڳ مغوي منظور لاشاري کي ڀنگ نه ڏيڻ تان ڌاڙيلن گولي ھڻي زخمي ڪري ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪرڻ سان گڏ وارثن ڏي به موڪلي ڇڏيو ھو، ڌاڙيلن پاران ساڻس گڏ اغوا ٿيل معشوق لاشاري کي به جلدي ڀنگ نه ڏيڻ تي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏيئي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪيو ويو
20 ڏينهن اڳ نوجوان عبدالرافع سميجو جو لاش به روڊ تي اڇلايو ويو هو
20 ڏينھن اڳ ڀنگ نه ڏيڻ تان مغوي وائرنگ جي مستري نوجان پورهيت عبدالرافع سميجو کي ڌاڙيلن تشدد ڪري قتل ڪيو ويو هو، قتل ڪرڻ بعد لاش ڏيڻ جا به ڀنگ گھريا ويا ھئا
سئي گئس ملازم عبدالستار سيٺار کي ٻيو ڀيرو اغوا ڪيو ويو آهي: ڀاءُ
مغوي عبدالستار عرف خان سيٺار جي ڀاءُ عبدالجبار سيٺار جو چوڻ آهي ته سندس ڀاء کي اڳ به ساڳئي هنڌ تان اغوا ڪيو ويو هو هاڻي ٻيهر ظلم ڪيو ويو آهي اسان مسڪين ماڻهو آهيون ايس ايس پي شڪارپور نوٽيس وٺي مغوين کي بازياب ڪرائي ڏي
چڪ ۾ وڌندڙ بدامني خلاف ۽ مغوين جي بازيابي لاءِ سڀاڻي ڌرڻي جو اعلان
وڌندڙ بد امني خلاف چڪ شهري اتحاد پاران سڀاڻي اربع ڏينهن چڪ شهر ۾ احتجاجي مظاهرو ۽ ريلي ڪڍي ويندي اڳواڻن غلام قادر مهر، احمد شاھ نقوي، فقير احسان الله ڀيو، مولوي محمد سعود ڀيو پون ڪمار عبدالباسط انصاري ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته ظلم ۽ ڏاڍ خلاف چڪ شهر ۽ ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو ناڪي نمبر هڪ کان ريلي ڪڍي سڄي شهر جو گشت ڪيو ويندو ۽ شهيد جان محمد مهر چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويندو