| شڪارپور ۾ ڪوئٽا واسي ڊرائيور اغوا، ڪلينر هٿ پير ٻڌي ڦٽو |
شڪارپور (رپورٽ: وحيد بروھي)شڪارپور ويجھو موٽر سائيڪل سوار هٿياربند جوابدار بلوچستان جي علائقي ڪوٽئا واسي 34 ورهين جي ٽرڪ ڊرائيور محمد يونس پٽ شاهنواز بروهي کي 16 مورين وٽ يرغمال بڻائي اغوا ڪري کڻي ويا، جڏهن ته ساڻس گڏ موجود ڪلينڊر آصف مينگل جا هٿ پير ٻڌي جيڪب آباد ۾ ڇڏي ويا،واقعي خلاف مغوي جي وارثن ۽ مائٽن پاران جيڪب آباد- شڪارپور روڊ بند ڪري لوڊرا ٿاڻي اڳيان ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي حاجي نظير مينگل، عبدالقادر مينگل، محمد قاسم مينگل ۽ محمد خان زهري سميت ٻين احتجاج ڪندي مغوي ٽرڪ ڊرائيور جي جلد بازيابي جو مطالبو ڪيو.