شڪارپور ۾ گرينڊ آپريشن، 10 ڏوهاري مارڻ جي دعويٰ، مقابلي ۾ ڊي ايس پي جوڙي سميت 5 اهلڪار زخمي

شڪارپور ۾ گرينڊ آپريشن، 10 ڏوهاري مارڻ جي دعويٰ، مقابلي ۾ ڊي ايس پي جوڙي سميت 5 اهلڪار زخمي

شڪارپور (رپورٽ: وحيد بروھي) شڪارپور منڇر شاهه واري علائقي ۾ پوليس جو گرينڊ آپريشن، 10ڏوهاري مارڻ جي دعويٰ، مقابلي ۾  ڊي ايس پي پارس بکراڻي ۽ سندس مڙس ڊي ايس پي ظهور سومرو سميت 5 اهلڪار زخمي، 5 جوابدارن جا لاش ۽ 4 زخمي اسپتال منتقل، ان ڏس ۾ شڪارپور جي منڇر شاهه پير واري علائقي ۾ ڏوھارين جي موجودگي جي اطلاع تي پوليس وڏي پيماني تي آپريشن شروع ڪيو، جنهن دوران ڏوھارين اوچتو پوليس تي ڇتي فائرنگ ڪري ڏني، فائرنگ جي نتيجي ۾ ڊي ايس پي سٽي پارس بکراڻي، سندس مڙس ڊي ايس پي ڳڙهي ياسين ظهور احمد سومرو، پوليس اهلڪار منور علي، اسرار احمد سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي شڪارپور بعد سکر منتقل ڪيو ويو، پارس بکراڻي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، پوليس علائقي کي ڪڙو چاڙهي وڌيڪ نفري طلب ڪري سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو، آپريشن دوران جوابدارن جا ڪيترائي گهر ڊاهي پٽ ڪيا ويا، پوليس دعويٰ ڪئي ته آپريشن دوران 10 ڏوهاري مارجي ويا آھن جن ۾ شهزادو شيخ، شهمور شيخ، امداد شيخ، اويس شيخ، ياسين شيخ، آصف شيخ، ڪراڙو شيخ ۽ ساجد شيخ شامل آهن، جڏهن ته هڪ ٻيو ڏوهاري نادر مهر به رات دير سان مقابلي ۾ مارجي ويو ھو، جنهن جي لاءِ به پوليس پاران دعويٰ ڪئي وئي ته مارجي ويلن جو ساٿي ھو، مارجي ويلن مان 6 ڄڻن جا لاش ۽ 4 زخمين کي آر بي يو ٽي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جن مان 6 ڄڻن جا لاش اسپتال ۾ پيل آھن، 4  زخمين ۾ اياز شيخ، گل محمد شيخ، صادق شيخ ۽ غلام محمد بکراڻي شامل آهن، جن جو علاج ھلندڙ آھي، رات دير تائين پوليس آپريشن جاري ھو.ٻي طرف  ايس ايس پي شڪارپور شاھزيب چاچڙ پريس بريفنگ دوران چيو آهي ته منڇر شاهه ڏوھارين ۽ منشيات وڪرو ڪندڙن جي آماجگاھ بڻيل هو، جنهن خلاف پوليس وڏي پئماني تي ڪارروائي ڪئي،  ايس ايس پي چيو ته ڊي ايس پي پارس بکراڻي ۽ ڊي ايس پي ظهور سومرو آپريشن دوران بهادري جو مظاهرو ڪندي مثال قائم ڪيو آھي، شاھزيب چاچڙ وڌيڪ ٻڌايو ته آپريشن دوران 10 ڏوهاري مارجي ويا آهن، جڏهن ته 4 کان 5 وڌيڪ ڏوهاري اڃا تائين فرار آهن، جن جي گرفتاري لاءِ آپريشن جاري آهي، هن چيو ته ڏوهارين کي خبر پئجي وئي آهي ته پوليس جو موڊ ڇا آهي ۽ پوليس مڪمل تياري سان ڪارروائي ڪري رهي آهي، ايس ايس پي مطابق مارجي ويل ڏوهارين وٽان وڏي مقدار ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن ۽ ثبوت مليون آهن ته شهر جا ڏوهاري ڪچي جي ڏوھارين سان سڌو واسطو رکن ٿا، مارجي ويل ڏوهارين مٿان مختلف ٿاڻن تي ڪيس داخل هئا، شاھزيب چاچڙ چيو ته مارجي ويل ڏوهارين کان شهر جا واپاري ۽ شريف ماڻھو سخت تنگ هئا، ايس ايس پي جو چوڻ هو ته جتي ڏوھارين خلاف ڪارروائي کان هرڪو لنوائيندو هو اتي اسان گهرن ۾ گهري ڪارروائي ڪئي آهي ۽ شڪارپور کي ڏوھارين کان پاڪ ڪرڻ لاءِ آپريشن جو سلسلو جاري رهندو.
 

گرينڊ آپريشن دوران پوليس وٽ بلٽ پروف جيڪٽس نه هجڻ جو انڪشاف

شڪارپور: منڇر شاهه ۾ جوابدارن خلاف وڏي پوليس آپريشن دوران ڊي ايس پي پارس بکراڻي، ڊي ايس پي ظهور سومرو ۽ ٻين اهلڪارن جي زخمي ٿيڻ بعد هڪ اهم ۽ ڳڻتي جوڳي ڳالهه سامهون آئي آهي، پوليس آفيسرز سميت اڪثر اهلڪارن وٽ بلٽ پروف جيڪٽون موجود نه هيون، ذريعن موجب ڏوهارين جي ڳڙهه سمجهيل علائقي ۾ پوليس کي بغير بلٽ پروف تحفظ جي موڪلڻ انتھائي لاپرواهي آهي، واقعي دوران ڏوهارين طرفان اوچتي فائرنگ ٿي  ۽ جيڪڏهن اهلڪارن وٽ جديد بلٽ پروف جيڪٽون موجود هجن ها ته ڪيترن زخمين کي بچائي سگهجي پيو.ٻي طرف  ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب پٺاڻ ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته ڊي ايس پيز پارس بکراڻي ۽ ظهور سومرو کي 2-2 گوليون لڳيون آهن، ٻنهي ڊي ايس پيز کي جسم جي مٿئين حصي ۾ گوليون لڳيون.
 

ڦر جي وڏي واردات بعد پوليس جو ايڪشن: گهر ڊاهي پٽ

شڪارپور: شڪارپور شهر جي اسٽور گنج ٿاڻي جي سامھون هڪ ڏينهن اڳ  25 لک 80 هزار رپين جي وڏي ڦر واري واقعي بعد واپارين سخت احتجاج ڪيو هو، جنهن جي بعد پوليس حرڪت ۾ اچي ڪارروائي شروع ڪئي، پوليس جو چوڻ هو ته ڪجهه مهينن کان واپارين ۽ اناج منڊي جي واپارين کان ڦر ڪندڙ هٿياربند هر واردات بعد منڇر شاهه واري علائقي ڏانهن فرار ٿي ويندا هئا، جتي ڏوهارن جا محفوظ ٺڪاڻا سمجهيا وڃن ٿا، ذريعن موجب ساڳي پيٽرن ۽ ساڳئي رستي کي نظر ۾ رکندي پوليس منڇر شاهه ڏانهن ويندڙ روٽن تي وڏو سرچ آپريشن شروع ڪيو، پوليس عملدارن جو چوڻ آهي ته واپارين کان ٿيندڙ ڦرن ۾ ملوث گينگسٽرس جا ثبوت مليا آهن، جيڪي واردات بعد منڇر شاهه جي ڏوهن ۾ ملوث علائقن ۾ لڪي وڃن ٿا، پوليس موجب ڪارروائي جو مقصد انهن رستن کي بند ڪرڻ، شڪين کي گرفتار ڪرڻ ۽ ڏوهارين جي پناهه گاهن کي ٽوڙڻ آهي،
 

  شڪارپور ۾پيش نه پوندڙ ڏوهارين جو خاتمو آڻيو: مراد شاهه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاھه شڪارپور ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن دوران زخمي ٿيل پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جي بهادري تي ڀيٽا پيش ڪندي پوليس کي هدايت ڪئي آهي ته ڏوهارين خلاف ڪارروايون وڌيڪ تيز ڪيون وڃن، ضلعي ۾ امن امان جي بحالي يقيني بڻائي وڃي. هن ڊي ايس پي سٽي شڪارپور پارس بکراڻي، سندس ور ڊي ايس پي ڳڙهي ياسين ظهور سومرو سميت 4 زخمي اهلڪارن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي سندن جلد صحتيابي لاءِ دعا گهري. هن سکر ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين ڪميل شاھ کي هدايت ڪئي ته ضرورت پوڻ تي زخمي آفيسرن جي ڪراچي منتقلي لاءِ ايئر ايمبولينس جو بندوبست ڪيو وڃي وزيراعليٰ خبردار ڪيو ته پيش نه پوندڙ  ڏوهارين سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، ڏوهارين سان  ڪنهن به قسم جي نرمي برداشت نه ڪئي ويندي. ڏوهارين جو مڪمل خاتمو ۽ شڪارپور ۾ امن جي بحالي ضروري آهي. هوڏانهن آءِ جي غلام نبي ميمڻ وزيراعليٰ کي بريفنگ ڏيندي چيو ته شڪارپور ۾ پوليس مقابلي ۾ 9 ڏوهاري مارجي ويا آهن
 

منڇر شاهه وارو علائقو بااثرن جي سرپرستي ۾ منشيات جو ڳڙهه بڻيل!

شڪارپور: ضلعي شڪارپور جو منڇر شاهه وارو علائقو ڪيترن ئي سالن کان منشيات جي وڪري ۽ استعمال جو اهم مرڪز بڻيل رهيو آهي، جتي نشي جي عادت سبب ڪيترائي نوجوان پنهنجون زندگيون تباهه ڪري ويٺا آهن، علائقي واسين مطابق منشيات جي کلي عام وڪري خلاف بار بار شڪايتون ڪرڻ باوجود صورتحال تبديل نه ٿي، ڇو ته ضلعي جا ڪجهه بااثر ماڻھو منشيات فروشن جي کليل حمايت ڪندا رهيا آهن، شھر واسين جو چوڻ آهي ته منڇر شاهه ۾ چرس، آئيس، هيروئن ۽ ٻين نشي آور شيين جو ڪاروبار ڊگهي عرصي کان هلي رهيو آهي، جنهن سبب نه صرف نوجوان تباهي ڏانهن وڌي رهيا آهن پر ڏوهن ۾ پڻ تيزي سان اضافو ٿيو آهي، شهرين جو چوڻ آهي ته مڪمل ۽ نتيجا ڏيندڙ ڪارروائي تڏهن ممڪِن ٿيندي، جڏهن منشيات وڪرو ڪندڙن جي پٺڀرائي ڪندڙن خلاف به قدم کنيا ويندا.
 

ڊي ايس پي ظهور ۽ پارس بکراڻيءَ جي اڄ شاديءَ جي سالگرهه

سکر: ڊي ايس پي ظهور سومرو ۽ ڊي ايس پي پارس بکراڻيءَ شاديءَ جي ٻئين سالگرهه آهي. شڪارپور ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل ڊي ايس پي پارس بکراڻي ۽ ڊي ايس پي ظهور سومرو جي شاديءَ کي اڄ ٻه سال مڪمل ٿي ويا. اتفاق سان ٻئي زال مڙس هٿياربندن جي فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ سبب زخمي آهن ۽ ٻئي هڪ ئي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهن. سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ ميئر سکر بئريسٽر ارسلان اسلام شيخ پاران بهادر جوڙي جي شاديءَ جي سالگرهه جو ڪيڪ اسپتال ۾ ڪئي ڪٽڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.