| شڪارپور ۾ 12 کان وڌيڪ ڪيسز ۾گهربل جوابدار سرينڊر ڪري ڇڏيو |
شڪارپور(رپورٽر) ايس ايس پي شڪارپور ڪليم ملڪ پنهنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي دعويٰ ڪئي ته گڙهي ياسين واسي مهراب شر پٽ بگٽي شر جيڪو 12 کان وڌيڪ مختلف ڪيسن ۾ گهربل ھو، جيڪو پوليس جي دٻاءَ سبب پيش ٿيو آهي، ضلعي ۾ ڏوهارين خلاف ڪارروائي ھلندڙ آهي، ٻين ڏوهارين کي به چتاءُ ڏيون ٿا ته هو پاڻمرادو پيش ٿين ٻي صورت سندن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هوڏانهن مهراب شر چيو ته سندس مٿان مختلف ڪيس داخل ٿيل آهن پر هاڻي هو ڏوهاري زندگي ڇڏڻ چاهي ٿو ۽ شرافت سان زندگي گذارڻ ٿو چاھي.