| شڪارپور ۾ 20 لک انعام رکيل جوابدار هاف فراءِ: مقابلي جي دعويٰ |
شڪارپور(رپورٽر) شڪارپور پوليس پاران بدنام ۽ ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گهربل جوابدار مرچو جتوئي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، پوليس موجب شھر جي نيو فوجداري ٿاڻي جي حد نم ڪبڙ موڙ وٽ ڏوھارين سان مقابلو ٿيو، جنهن دوران هڪ جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته سندس ٻه ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل جي سڃاڻپ مرچو جتوئي طور ٿي آھي، پوليس ٻڌايو ته گرفتار ڪيل مرچو جتوئي پوليس تي حملن، قتل، ڌاڙن، اغوا ۽ ٻين سنگين وارداتن سميت مختلف ٿاڻن تي داخل ڪيل 35 ڪيسن ۾ گهربل ھو، پوليس موجب جوابدار مٿان سرڪار طرفان 20 لک رپين جو انعام پڻ مقرر ٿيل ھو. پوليس جو چوڻ آھي ته گرفتار ڪيل ڏوھاري وٽان ھٿيار پڻ ھٿ ڪيا ويا آھن، ياد رھي ته گرفتار ٿيل مرچو جتوئي اڍائي سال اڳ پوليس وٽ پيش ٿي پاڻمرادو گرفتاري پڻ پيش ڪئي ھئي.