| شڪارپور ۾ 4 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل نينگر مبينا طور قتل: لاش هٿ |
شڪارپور/ھمايون(نمائندن وٽان) همايون شريف ڀرسان سلطان ڪوٽ پوليس کي 12 ورهين جي نينگر جو لاوارث لاش هٿ آيو، لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي لاش جي سڃاڻپ شڪارپور شهر جي لطيف آباد پاڙي جي رهواسي نينگر همير شيخ طور ڪئي وئي، اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد لاس وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻي طرف نينگر جي والده سميرا شيخ جي فرياد تي لکيدر ٿاڻي تي هڪ سڃاتل ۽ ٻن اڻ سڃاتل جوابدارن خلاف اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ فرياد ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جوابدار سمير بڪيجو دوستي لاءِ تنگ ڪندو هو، انڪار ڪرڻ تي ڌمڪيون ڏيندو رهيو، ڪيس ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته شڪارپور جي بس اڏي وٽ جوابدار پنهنجي ٻن ساٿين سان گڏ هٿيارن جي زور تي نينگر همير کي اغوا ڪيو، پوليس موجب داخل ڪيل ڪيس ۾ اغوا براءِ قتل ۽ اغوا براءِ قيد رکڻ جا قلم شامل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته قتل جا قلم الڳ ڪيس ۾ شامل ڪيا ويندا، ٻئي طرف نينگر جي والد عبدالرزاق شيخ الزام لڳايو آهي ته سندن ٻار چار ڏينهن کان اغوا هو، پوليس کي جوابدارن جا نالا ۽ تصويرون ڏيڻ باوجود ڪا ڪارروائي نه ڪئي وئي، هن دعويٰ ڪئي ته جوابدار جو چاچو پوليس ۾ هجڻ سبب ڪارروائي ۾ سستي ڪئي وئي، هن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.