| “شڪايت ٿو ڪرين” صوبائي وزير جي کلي ڪچهري ۾ پيرسن تي لتن مڪن جو وسڪارو، گهليندا رهيا |
سجاول/دڙو(نمائندن وٽان) سجاول ۾ عورتن جي ترقي واري صوبائي وزير شاهينه شير علي جي کليل ڪچھري بدنظمي جو شڪار ٿي وئي. عوامي مسئلن جي حل لاءِ منعقد ڪيل کلي ڪچھري ۾ شڪايت ڪندڙ پيرسن شهري تي تشدد سبب ماحول سخت ڇڪتاڻ وارو ٿي ويو، کليل ڪچھري دوران دڙو جي هڪ بزرگ رهواسي رجب ميمڻ بااثر خلاف مبينا طور زرعي زمين جو پاڻي بند ڪري قبضو ڪرڻ جي شڪايت ڪئي، ان دوران موقعي تي موجود ڪيترن ئي ماڻهن بزرگ شهري تي حملو ڪري ڏنو ۽ مٿس لتن مڪن جو وسڪارو ڪري زمين تي کيس گھليندا رھيا. جڏهن ته ڪچھري ۾ وڏي تعداد ۾ پوليس جي موجودگي باوجود، حملي آور گرفتار نه ٿي سگهيا. پرتشدد صورتحال ۽ ڇڪتاڻ واري ماحول سبب صوبائي وزير شاهينه شير علي واپس رواني ٿي وئي. بعد ۾ پوليس بزرگ شهري رجب ميمڻ کي تحفظ ڏيندي پوليس موبائيل ۾ ويھاري روانو ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي رجب ميمڻ الزام لڳايو ته بااثر شخص ڪيترن ئي سالن کان سندس زمين جو پاڻي بند ڪري قبضو ڪري رکيو آهي ۽ حق گھرڻ تي کيس بار بار تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. هن سنڌ جي وڏي وزير ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته سندس جان بچائي وڃي ۽ زمين واپس ڪرائي وڃي. منهنجي حياتي کي خطرو آهي.