| شڪستون ٿينديون رهنديون آهن:قومي ٽيم جي ڪاميابي جو تناسب 24 مان وڌي 73 سيڪڙو ٿي ويو آهي: محسن نقوي پاران قومي ٽيم جي ساراهه |
لنڊن ( اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين محسن نقوي قومي ٽيم تي تنقيد ڪندڙن کي جواب ڏئي ڇڏيو.لنڊن ۾ هڪ خانگي چينل کي انٽرويو ڏيندي پي سي بي چيئرمين محسن نقوي چيو ته نون ڪوچن جي اچڻ کانپوءِ قومي ٽيم ون ڊي ۾ اٺين نمبر کان پنجين ۽ ٽي ٽوئنٽي ۾ نائين نمبر کان ڇهين نمبر تي اچي وئي آهي.محسن نقوي چيو ته پاڪستاني ٽيم گذريل 6 ون ڊي سيريزن مان 4 ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، پر تنقيد ڪندڙ چون ٿا ته پاڪستان جي ڪرڪيٽ ختم ٿي وئي آهي.هن چيو ته نون ڪوچن جي اچڻ کانپوءِ اسان جي مجموعي ڪاميابي جو تناسب 24 سيڪڙو مان وڌي 73 سيڪڙو ٿي ويو آهي.پي سي بي چيئرمين چيو ته شڪست تي تنقيد ڪرڻ سڀني جو حق آهي، پر اهي رانديگر جن پاڻ ڪڏهن ڪا ڪاميابي حاصل ناهي ڪئي، انهن جو ٽيم تي تنقيد ڪرڻ مناسب ناهي. رانديگرن جي تذليل ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي.محسن نقوي اعتراف ڪيو ته ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ قومي ٽيم جي ڪارڪردگي تمام خراب آهي ۽ ڪارڪردگي کانسواءِ به ان جا ڪيترائي سبب آهن، جيڪي هن وقت منظرعام تي نٿا آڻي سگهجن.هن وڌيڪ چيو ته اڃا تمام گهڻي بهتري جي ضرورت آهي، پر اهو ممڪن ناهي ته ٽن مهينن اندر ٽيم نائين يا ڇهين نمبر کان پهرين پوزيشن تي پهچي وڃي.پي سي بي چيئرمين چيو ته ڏکڻ آفريڪا جو نميبيا کان هارائڻ ۽ ڀارت جو آئرلينڊ هٿان شڪست کائڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ڪرڪيٽ ۾ ڪنهن به ٽيم کي هر ميچ ۾ ڪاميابي جي ضمانت حاصل ناهي هوندي.محسن نقوي جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪنهن کي مون سان بغض آهي ته مون تي تنقيد ڪري، پر ڪرڪيٽ کي نشانو نه بڻايو.هن وڌيڪ چيو ته ڪجهه ماڻهن کي ڪرڪيٽ جي ڪا پرواهه ناهي، اصل مسئلو مون سان آهي، پر مان تنقيد کان نٿو گهٻرايان.