| شڪي مقابلي ۾ پيءُ پٽ ماريندڙ پوليس تي انعامن جي برسات |
سکر (بيورو رپورٽ) مبينا مقابلي ۾ سلطان شاهه ۽ اُن جي پٽ کي ماريندڙ آفيسرن ۽ اهلڪارن کي سرٽيفيڪٽ ۽ ڪيش انعام سان نوازيو ويو. ايس ايس پي سکر جي ترجمان شاهجهان سومرو مطابق بهترين ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪندڙ پوليس آفيسرن ۽ جوانن کي تعريفي سرٽيفڪيٽس ڏيڻ متعلق ايس ايس پي آفيس ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي. پڌرائي مطابق ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ ۾ خوف جي علامت سمجهو ويندڙ انعام يافته ڏوهاري سلطان شاهه ۽ ان جي پٽ جي پوليس مقابلي ۾ مارجڻ ۽ گهوٽڪيءَ رونتيءَ جي ڪچي ۾ ڌاريلن خلاف آپريشن ۾ حصو وٺندڙ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي به تعريفي سرٽيفڪيٽ سي سي ٽو ۽ نقد انعام ڏنو. ايس ايس پي سکر اظهر مغل چيو ته پوليس فورس تي فخر آهي مسڪل حالتن باوجود عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. انعام ۽ اعزاز جو مقصد اهلڪارن جو حوصلو بلند ڪرڻ آهي.