شھدادپور عدالت پوليس اهلڪار کي هٿڪڙيون هڻائي ڇڏيون
نومبر 27, 2024
شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور ۾ ضمانت تي آزاد ٿيل جوابدارن کي بنا جواز گرفتار ڪرڻ پوليس اهلڪار کي مهانگو پئجي ويو، عدالتي حڪم تي کيس هٿڪڙيون هڻي گرفتار، معافي وٺڻ بعد آزاد، خبر موجب شھدادپور عدالت ضمانت ماڻيندڙ جوابدارن کي بنا جواز گرفتار ڪرڻ تي اي ايس آءِ علي نواز ٻٻر کي هٿڪڙيون هڻائي ڇڏيون، اهلڪار ضمانت تي آزاد ٿيل جوابدارن کي ڪورٽ ٻاهران گرفتار ڪيو هو، وڪيل طرفان داخل ڪرايل توهينِ عدالت درخواست تي عدالت اي ايس آءِ علي نواز ٻٻر کي هٿڪڙيون هڻائي ڪسٽڊي ڪرائي ڇڏيو، بعد ۾ ڊي ايس پي ۽ ايس ايچ او عدالت ۾ پيش ٿيا، معافي جي درخواست بعد عدالت اي ايس آءِ کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو.