شھدادپور ويجهو نوجوان بي دردي سان قتل، لاش وونڻن جي فصل مان مليو

جُون 22, 2023

شهدادپور(ن پ و) شھدادپور ڀرسان مقصودو رند ٿاڻي جي حد ڳوٺ احمد خان ڇُٽو ۾ 20 ورهين جو نوجوان ياسين ڇُٽو ڪهاڙين جا وار ڪري بيدردي سان قتل ڪري لاش وئڻن جي فصل ۾ اڇلايو ويو

اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مڙھه تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سِمس اسپتال منتقل ڪيو، پوليس پيرا کڻي جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي

وارثن موجب نوجوان رات 9 بجي تائين گهر هو، اڄ صبح ڦٽيون چونڊڻ لاءِ ويندڙ ڳوٺاڻن لاش ڏسي اطلاع ڪيو

مقصودو رند پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان کي قتل ڪرڻ کان پوءِ ووئڻن جي فصل ۾ اڇلايو ويو آهي، واقعي جي هر رخ کان جاچ ڪئي پئي وڃي، ملوث جوابدار گرفتار ڪيا ويندا

ٻئي طرف قتل واقعي کانپوءِ علائقي ۾ خوف ۽ حراس ڇائنجي ويو، پوليس پتو لڳائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي جڏهن ته ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه آئي

Leave A Comment