شھدادڪوٽ گرلز ھاءِ اسڪول ۾ ماسترياڻين جون وڊيوز ڀرڻ جو انڪشاف: احتجاج تي پوليس طلب: ڇڪتاڻ

نومبر 21, 2023

شھدادڪوٽ (رپورٽ: ايم اسحاق بوزدار) شھدادڪوٽ گرلز ھاءِ اسڪول ۾ ماسترياڻين جون وڊيوز ڀرڻ جو انڪشاف، ٽيچرز جي  احتجاج تي پوليس طلب ڪرڻ بعد ڇڪتاڻ وڌي وئي، ڊي سي نوٽيس وٺي ڇڏيو

گورنمينٽ گرلس ھاءِ اسڪول جي ٽيچرز ھيڊ ماسترياڻي ڪبريٰ کوکر خلاف اسڪول اندر احتجاج ڪيو، ھيڊ ماسترياڻي ڪوريج لاءِ پھتل صحافين، سوشل ورڪرز زيب سنڌي ۽ ثناءُ الله عباسي ۽ احتجاج ڪندڙ ماسترياڻين لاءِ اسڪول جي مين گيٽ بند ڪرائي پوليس ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر کي گهرائي ورتو

پوليس پھچڻ تي اسڪول جي شاگريادياڻين ۾ خوف هراس ڦهلجي ويو، جڏهن ته اسسٽنٽ ڊائريڪٽر گل کھاوڙ جي اچڻ تي اسڪول جي ھيڊ ماسترياڻي ۽ احتجاج ڪندڙ ماسترياڻين ۾ سخت ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي

 ان موقعي تي ٽيچرز تسليم سيلرو، صفيا ميراڻي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهيندي چيو ته اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ايجوڪيشن  گل کھاوڙ اسڪول جي وزٽ ڪرڻ بھاني اسڪول جي ٽيچرز جون ويڊيوز ڀري وڃي ٿو، اسڪول جي ليڊي ٽيچرز جي پردي جو ڪو به خيال نه پيو رکيو وڃي

هنن چيو ته گل کھاوڙ پاڻ سان گڏ 10 کان 12 غير واسطيدار ماڻهو وٺي اچي گرلز ھاءِ اسڪول جو ماحول خراب ڪري رھيو آهي، اسين پرديدار ۽ پردي واريون عورتون آهيون

ھنن اسڪول جي ھيڊ ماسترياڻي ڪبريٰ کوکر ۽ اسڪول جي ڪلارڪ سنيل ڪمار مٿان الزام لڳائيندي چيو ته ھيڊ ماسترياڻي جي آفيس ۽ ڪلارڪن جي آفيسن مان ٽيچرز جون ويڊيوز ٻاھرين ماڻهن ۽ تعليم کاتي جي اعليٰ آفيسرن ڏانهن واٽسپ ڪيون پيون وڃن ۽ غير واسطيدار ماڻهن سميت مختلف واٽسپ گروپن ۾ وائرل ڪيون ٿيون وڃن، اسان سان گڏ شاگردياڻيون به غير محفوظ آهن

 هنن مطالبو ڪيو ته ھيڊ ماسترياڻي ڪبريٰ کوکر ۽ ڪلارڪ سنيل ڪمار کي فوري طور ھٽايو وڃي

ٽيچرز اسڪول ۾ سياست ڪري ماحول خراب پيون ڪن: ھيڊ ماسترياڻي

ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ھيڊ ماسترياڻي ڪبريٰ کوکر ميڊيا کي ٻڌايو ته ٽيچر تسليم سيلرو، صفيا ميراڻي ۽ ٻيون اسڪول اندر سياست ڪري اسڪول جو ماحول خراب ڪن ٿيون ۽ پابندي سان ڊيوٽي به نٿيون ڪن، سياست ڪرڻ کان روڪڻ جي ڳالهه تان منهنجي خلاف هنن احتجاج ڪري غلط بياني ڪئي، اجائي پروپيگنڊا ڪري رھيون آهن

اسڪول پھتاسين ھيڊ ماسترياڻي پوليس گهرائي يرغمال بڻايو: سوشل ورڪر

سوشل ورڪرن زيب سنڌي ۽ ثناءُ الله عباسي ٻڌايو ته اسان کي اسڪول جي ماسترياڻين فون ڪري چيو ته توهان گرلز ھاءِ اسڪول اچو، اسان اسڪول جي ھيڊ ماسترياڻي خلاف احتجاج ڪري رهيون آهيون، اسان اسڪول پھتاسين ۽ ماسترياڻين جي احتجاج جي ڪوريج ڪئي ته ھيڊ ماسترياڻي اسان کي ڏسي آپي مان نڪري وئي ۽ پوليس گهرائي احتجاج ڪندڙ ماسترياڻين سميت اسان کي اسڪول جا دروازا بند ڪرائي يرغمال بڻايو

شاگردياڻين ۾ ڏهڪاءُ پيدا ڪرڻ جي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪبي: ڊي سي

هوڏانهن ڊپٽي ڪمشنر قمبرشھدادڪوٽ سجاد حيدر قادري گرلز ھاءِ اسڪول جي ٽيچرز جي احتجاج جي خبر ٽائيم نيوز تي هلڻ جو نوٽيس وٺندي چيو ته گرلز ھاءِ اسڪول ۾ ماسترياڻين جي ڪيل احتجاج ۽ تعليمي اداري ۾ پوليس جي اچڻ بعد اسڪول جي شاگردياڻين ۾ خوف پيدا ڪرڻ جي ذميوارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي

هن چيو ته تعليم کاتي جي عملدارن کان گرلز ھاءِ اسڪول جي اندر پيدا ٿيل صورتحال بابت رپورٽ طلب ڪئي آهي، رپورٽ اچڻ بعد ماحول خراب ڪندڙ ۽ اسڪول جي ليڊي ٽيچرز ۽ شاگردياڻين جون ويڊيوز ڀري اپ لوڊ ڪندڙ تعليم کاتي جي عملدارن ۽ اسڪول جي ڪلارڪ خلاف قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي

Leave A Comment