| شھيد فاضل رڪ مان ٺھيل سنڌ جو سپوت هو: اياز لطيف |
حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته شھيد فاضل راھو رڪ مان ٺھيل سنڌ جو سپوت ۽ سرويچ سپاهي ھو ھڪڙا ماڻهو سپاهي ھوندا آھن ٻيا ڪمانڊر ھوندا آھن فاضل سپاهي بہ ھو ۽ ڪمانڊر به ھو ، ورسي تقريب تي جاري بيان ۾ هن چيو ته شھيد فاضل راھو کي پارٽي ڊيوٽي ڏيندي چوندي ھئي ته سپاهي ٿي ته فاضل سپاهي ٿي ويندو ھو ۽ چوندي ھئي ڪمانڊر ٿي ته فاضل ڪمانڊر ٿي ويندو ھو شھيد فاضل راهو حڪم جو تابع ھو، وڏيراشاهي، سرداري، جاگيرداري نظام سان نفرت ڪندو هو ھارين، مزدورن ۽ مسڪينن ماڻهن سان پيار ۽ محبت ڪندو هو سندن ڏک سک ۾ ساڻن ھر وقت گڏ بھيندو ھو.