شھيد فاضل – ڊگهي جدوجهد جي تسلسل جو نالو….ميان مير چانڊيو

                 شهيد فاضل جي جدوجهد ته سندس زندگيءَ جو حصو رهندي پئي آئي، پر ان ۾ شدت تڏهن آئي، جڏهن ذوالفقار علي ڀُٽي کي اقتدار تان زبردستي هٽائي کيس بيگناهه ڦاسي ڏني وئي ۽ ملڪ تي مارشلا مڙهي وئي. ڀُٽي جي سنڌي هئڻ جي ناتي سان سنڌي ماڻهن تي ڪجهه وڌيڪ ظلم ۽ ستم جا نوان داستان رقم ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي وئي. قومپرستن جي جدوجهد کي چٿڻ ۽ پ پ کي ختم ڪرڻ لاءِ احتجاجي ڪارڪنن ۽ شاگردن تي گوليون هلايون وينديون هيون، اهو سڀ ان ڪري ڪيو پئي ويو ته جيئن عوامي همت، جرئت کي هميشه لاءِ ختم ڪري اڀرندڙ تحريڪن کي چيڀاٽيو وڃي. شهيد ڀُٽي جو تختو اونڌو ڪرڻ شرط ئي مارشلا جي نفاذ سان ئي اهڙين حرڪتن جي شروعات ڪئي وئي هئي. جڏهن ملڪ ۾ اهڙين حالتن سنگين صورتحال اختيار ڪئي ته ان وقت شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي ڌيءُ محترما بينظير ڀٽو جي اڳواڻيءَ ۾ تحريڪ بحالي جمهوريت (ايم آر ڊي) جو بنياد وڌو ويو، جنهن ۾ شهيد فاضل راهو، رسول بخش پليجو، خان عبدالولي خان، مولانا فضل الرحمان ۽ ٻيا سياستدان گڏ هئا. ايم آر ڊي جو بنياد ۸ فيبروري ۱۹۸۱ع تي وڌو ويو. اها تحريڪ جيتوڻيڪ جنهن تيزي سان اڀري هئي، ان ئي تيزي سان بدلجندڙ صورتحال ۽ مختلف اڳواڻن ۾ هڪ ٻئي سان رنجشن سبب ماٺي ٿيندي رهي، تان جو جنرل ضياءَ جي ۱۷ آگسٽ ۱۹۸۸ع تي هوائي حادثي ۾ مرڻ سان هي تحريڪ ۲۴ آگسٽ ۱۹۸۸ع تي ختم ٿي وئي. شهيد فاضل راهو ايم آر ڊي جو روح روان هو، ۱۹۸۳ع ۾ هلندڙ تحريڪ دوران کيس گرفتار ڪيو ويو. ائين غالبن ٽن سالن تائين جيل ۾ نظربند رهيو. ۱۹۸۶ع ۾ جيل مان رهائي کانپوءِ هن پنهنجي جدوجهد کي ويتر تيز ڪري ڇڏيو. هن هتان جي عوام جو شعور پنهنجي اڳواڻيءَ ۾ گهڻو اڳتي وٺي وڃڻ پئي گهريو. جيڪا ڳالهه وقت جي اقتدار ڌڻين کي بنهه پسند نه هئي ۽ هو کانئس گهڻو گهٻرايل هئا.

اهو نڀاڳو ڏينهن ۱۷ جنوري ۱۹۸۷ع جو ڏينهن هو، جنهن ڏينهن فاضل راهو ڪنهن گجندڙ شينهن جيان وڏي ڇاتيءَ سان هڪ گيدي هٿان جام شهادت نوش ڪيو. فاضل راهو شهيد هڪ ڊگهي جدوجهد جي تسلسل جو نالو آهي، جيڪو وقت جي وجود تي ڪنهن وڄ جيان ڪڙڪندو رهي ٿو، هو تاريخ جي ڪاري دؤر ۾ هڪ گهمساني طوفان ۾ ڪنهن وڻ جي ٽار جيان ڀَڄي ته ضرور پيو، پر ان جي جدوجهد جا قصا اڄ به پکين جي چهه چهه جيان گنگنائبا رهيا آهن.

فاضل شهيد ۱۹۷۰ع ڌاري سنڌ جي زمين جي نيلامي خلاف “نيلام بند ڪريو” جي نالي سان هڪ سگهاري تحريڪ جو آغاز به ڪيو هو، جنهن ۾ هو سنڌ جي زمينن جي نيلامي روڪرائڻ ۾ گهڻي قدر ڪامياب ويو ۽ گڏوگڏ سنڌ جي بيشمار هارين کي زمين ڏيارڻ ۾ ڪامياب به ويو. هي تاريخ جو شهسوار اڀرندڙ وهائو تاري وانگر جدوجهد جي افق تي اڀريو ۽ پنهنجي سهائي ميندي ٻور جيان ڇاڻي ڪنهن اڻ ڏٺي ماڳ لڏي ويو. هن ويندي ويندي هڪ دور جي تاريخ ۾ همت ۽ جذبن جا اڻمٽ نشان ڇڏيا آهن. تاريخ برابر بي رحم هجي ٿي. اها ڪڏهن بي رحم ٽهڪن سان ڪنهن فاتح وانگي ڪنهن دور ۾ داخل ٿئي ٿي ته ڪڏهن وري ڪنهن راڪاس جيان راڙا ڪندي پئي ايندي آهي. جڏهن اهڙي صورتحال بڻجي پوندي آهي ته مظلوم قومون پنهنجو وجود برقرار رکڻ خاطر پنهنجا سر تري تي کڻي جدوجهد ڪنديون آهن ۽ اتي ڪوپن جا ڪنڌ ڪرندا آهن ۽ ڌرتي ريٽي رت سان رڱجي ويندي آهي ۽ ان زماني ۾ مظلوم قومن وٽ، “ڪرن ڪنڌ نچن، رڻ گجيو راڙو ٿيو” وارو منظر لڳو پيو  هوندو آهي، جنهن سان رزميا گيت لکڻ جي ابتدا ٿي ويندي آهي ۽ ان دوران چانڊوڪين جي پوئين پهرن ۾ ڪوئلن جي لاتين ۾ درد دهرو ٿي ويندو آهي.

تاريخ گواهه آهي ته فاضل جهڙا ڪردار جيڪي مظلوم قوم خاطر ڪنڌ ڪپائي ۽ نينهن نڀائي ويا، اهي اڄ به لکين دلين جي ڌڙڪنن ۽ گيتن جي گونجار ۾ زنده آهن ۽ سندن آدرش اڄ به مظلوم ماڻهن جي اکين ۾ لڪل خوابن جيان ليئاڪا پائين ٿا. منهنجي خيال ۾ اهي امر شخصيتون هجن ٿيون، جيڪي تاريخ هٿان مرڻ بجاءِ قاتلن ۽ جلادن هٿان مرڻ پسند ڪن ٿيون. اهڙن ڪردارن کي جاڳن ۽ اوجاڳن ۾ ساهه سان سانڍي ياد رکيو ويندو آهي ۽ هر دور ۾ انهن کي عقيدت جا گل آڇيا ويندا آهن. هونئن ته تاريخ جي دز ۾ ڪيترا ئي ماڻهو لٽبا رهبا آهن، جيڪي زندگي ۾ ڪو اهم ڪردار ادا ڪرڻ کانسواءِ ئي فقط پنهنجي لاءِ جيئي هليا ويندا آهن، جيڪي سندن خاندان کي ئي ياد نه رهندا آهن. شهيد فاضل راهو جي خمير ۾ اها لاڙ جي مٽي هئي، جنهن مٽيءَ جي مهڪ ڪڏهن چانڊوڪين جي چيٽن مان ٿي اچي ته ڪڏهن ماڃر جي مڪ مان ٿي اچي. فاضل راهوءَ جي پرڪشش شخصيت جو مثال ان ڪنڊيءَ وڻ جيان آهي، جو جڏهن وسڪاري پڄاڻان ٻوربا آهن ته وڳهه ڪوٽ کان ويندي ننگر تائين انهن جي خوشبوءِ واسجي ويندي آهي. فاضل هڪ دور جو دودو سومرو به آهي ته وري ٻئي دور جو هيمون ڪالاڻي به آهي، جيڪو جدوجهد ڪندي ڪڏهن به ٿڪجي نه ٿو، هو لڳاتار جدوجهد جو تسلسل به آهي ته اصولن جو پاسدار به آهي. شهيد فاضل جيتوڻيڪ اڄ اسان جي وچ ۾ موجود ته ناهي، پر سندس فڪر ۽ فلسفو هڪ کليل ڪتاب جيان اسان وٽ موجود آهي، جنهن تي عمل ڪري هلندڙ ڪاروان ۾ نئون ولولو پيدا ڪري سگهجي ٿو.