شھيد ڀٽي ۽ شھيد بينظير جا ڀٽ شاھ جي خوبصورتيءَ وارا خواب پورا ڪيا وڃن … نور سنڌي

                 ڀٽائي خاندان جي چشم و چراغ، ڀٽ شاھ جي مشھور سياسي سماجي شخصيت ٽائون ڪميٽي ڀٽ شاھ جي اڳوڻي چيئرمين سيد گدا حسين شاھ لطيفي جي وال تي ڀٽ شاھ جي خوبصورتي جي حوالي سان اي آء جي مدد سان ٺاھيل تصويرون ھن ڪيپشن سان نظر آيون: “دل ۾ حسرت آهي مرشد سهڻي لطيف سرڪار جو شهر  ائين ٿي وڃي”. دعا آھي ته سندس اھڙي حسرت پوري ٿئي. جيڪڏھن حڪمران چاھين ته ڀٽ شاھ انھن تصويرن جھڙو خوبصورت ٿي سگھي ٿو ـ  پر اسان جا ھر دؤر جا حڪمران، جن کي صرف عرس مبارڪ جي موقعي تي لطيف سائين ياد ايندو آھي، پر جي حڪمران سچا ٿين ته ڀٽ شاھ جي خوبصورتي جي حوالي سان سيد گدا حسين شاھ لطيفي پاران جيڪي اسڪيچ ٺھرايا آھن، لطيف سائينء جو شھر اھڙو خوبصورت بنائڻ ناممڪن نه  آھي. ـ سيد گدا حسين شاھ پاران فيس بوڪ تي رکيل اھي تصويرون ۽ سٽون  ڏسندي مونکي قائد عوام شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ سندس نياڻي شھيد بينظير ڀٽو ياد اچي ويا ـ جن جي دؤر حڪومت ۾ ڀٽ شاھ ۾ ترقياتي ۽ درگاھ جي توسيع جا وڌ کان وڌ ڪم ٿيا آھن. لطيف سائينء جي درگاھ ۽ نگريءَ کي خوبصورت بنائڻ شھيد ڀٽي جو خواب ھو.

ڀٽ شاھ جي ترقي ۽ خوبصورتي جي حوالي سان تاريخ تي نظر وجھبي ته خبر پوندي ته اهڙن حڪمرانن ۾ ميران محمد شاهه جو وڏو ڪردار رهيو، پر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ سندس نياڻي محترمه بينظير ڀٽو صاحبه سڀ کان وڌيڪ ترقياتي ڪم ڪرايا ۽ ڀٽ ڌڻيءَ جي ڪلام ۽ پيغام کي سڄي دنيا ۾ روشناس ڪرائڻ لاءِ روايت وڌي. بعد ۾ سندس ڪوشش سان هتي ڪلچرل سينٽر جو بنياد وڌو ويو. ايوب خان جي ڪابينا ۾ ذوالفقار علي ڀٽو شامل ھو. ڀٽو صاحب لطيف سرڪار جو عقيدتمند هو. جنهن 1959ع ۾ صدر ايوب کي ڀٽائي جي ميلي ۾ آندو ۽ ڀٽو صاحب جي ڪوششن جي ڪري صدر ايوب نه رڳو هلندڙ ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي پر وڏي رقم ڏيڻ جو به اعلان ڪيو. 1962ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو ٻيهر صدر ايوب کي وٺي آيو، ذوالفقار علي ڀٽي جي ذاتي ڪوششن جي ڪري ڀٽ شاهه ۾ بجلي منظور ٿي، ڀٽ شاهه کي يونين ڪائونسل جو درجو ڏنو ويو ۽ اهڙو اعلان به خود ڀٽي صاحب ميلي دوران ڪيو ۽ سندس ڪوششن سان مغربي پاڪستان ڪابينا جو اجلاس ڀٽ شاهه ۾ ٿيو. 1964ع ۾ ڀٽي صاحب جي ڪوششن سان ڀٽ شاهه ۾ فنڪارن لاءِ هاسٽل، ريلوي اسٽيشن ٺهي. 1974ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جو وزير اعظم ٿيو ۽ ترت ڀٽ شاهه پهچي ترقياتي منصوبن جو سنگ بنياد رکيو، سندس خيال هو ته ڀٽ شاهه کي ٽيگور جي ڪيئن ۽ شيڪسپيئر جي اسٽيفن آن وانگر ترقي وٺرائي وڃي. ذوالفقار علي ڀٽي جو چوڻ هو ته ٻئي شاعر لطيف سرڪار کان وڏا شاعر نه آهن. منصوبن تحت ڪم جو آغاز ڪيو ويو، ڀٽ شاهه جي رهواسين کي معاوضو ڏنو ويو ته هو درگاهه جي آسپاس مان لڏين. ڀٽي صاحب جي خواهش هئي ته درگاهه جي ڀرسان 50 ايڪڙن کان وڌيڪ زمين تي شاليمار لاهور جهڙي باغ کان به وڌيڪ سهڻو پارڪ ٺاهيو وڃي. ڪراڙ ڍنڍ مٿان روهڙي- سکر جهڙي خوبصورت پل ٺهرائي وڃي ۽ پل ڀرسان ننڍڙيون يورپين طرزجون جديد قسم جون سهڻيون ڪينٽين ٺهرايون وڃن. درگاهه ڏانهن چئن ئي پاسن کان خوبصورت رستا ٺهرايا وڃن. تمام ترقياتي ڪمن جو نقشو ٺاهيو ويو. جنهن تحت واٽر سپلاءِ، هيلٿ سينٽر، ڳوٺاڻي ترقياتي پروگرام جو مرڪز، اجرڪ جنڊي، ڪاشي ٺاهڻ جا مرڪز، ٻين هنرن جا اسڪول، هنرمندن لاءِ پهرئين مرحلي تحت هڪ سئو گهرن تي مشتمل ڪالوني، نيشنل هاءِ وي کان ڀٽ شاهه تائين ٻٽو روڊ ۽ ايئررپورٽ ٺهي راس ٿي ويا. باقي 50 ايڪڙن وارو خوبصورت باغ، ڪراڙ ڍنڍ پل، ريسٽ هائوس ڪلچرل سينٽر، آڊيٽوريم جي توسيع، هنرمندن لاءِ وڌيڪ ڪوارٽر، صحافي ڪالوني، عام ماڻهن کي سستي اگهه تي ڏيڻ لاءِ هڪ هزار گهر ۽ ٻيون ترقياتي اسڪيمون شامل هيون ۽ انهن ڪمن لاءِ ٽينڊر ٿيڻ وارو هو پر ان کان اڳ جنرل ضياءُ، ڀٽي صاحب جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ۽ ملڪ ۾ مارشل لا لڳائي. انهيء سان گڏ مٿين ترقياتي ڪمن واريون اسڪيمون به ختم ڪيون ويون.

1988ع ۾ پ پ چونڊن ۾ اڪثريت سان کٽي. محترمه بينظير ڀٽو ملڪ جي وزير اعظم ٿيندي انهيء سال عرس مبارڪ جو افتتاح ڪيو ته درگاهه تي ڀٽو شهيد جي وقت ۾ منظور ڪيل ترقياتي ڪم، جيڪي جنرل ضياءُ جي دور ۾ ختم ڪيا ويا هئا، اهي ٻيهر شروع ڪرائڻ ۽ درگاهه جي توسيع ۽ ترقي لاءِ به فوري طور پي سي ون ٺاهڻ جو حڪم ڏنو پر آفيسر شاهي سرد مهري کان ڪم ورتو ۽ اسڪيمون اڃا شروع ٿيڻ واريون هيون ته محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت ختم ڪئي وئي ۽ اهي اسڪيمون وري سردخاني ۾ ھليون ويون. 1993ع ۾ بينظير ڀٽو، ٻيهر ملڪ جي وزير اعظم ٿيندي هدايت ڪئي ته بنا دير جي درگاهه لطيف جي ترقيءَ لاءِ جامع منصوبابندي ڪري کيس رپورٽ موڪلي وڃي ۽ سندس ذاتي دلچسپي ڪري ان تي عمل شروع ٿي ويو. جنهن کي ڀٽ شاهه بيوٽيفڪيشن پلان جو نالو ڏنو ويو. جنهن تحت درگاهه جي اتر ۾ رهندڙن کي لکين رپيا ڏئي اتان لڏائي اتي ايوان لطيف جوڙڻ، ڪراڙ ڍنڍ کي خوبصورت بنائڻ، راڳي فقيرن لاءِ رهائشي ڪوارٽرن جو ڪم شروع ڪيو ويو ۽ ريسٽ هائوس کان اتر ۾ هڪ متبادل روڊ درگاهه تائين آندو ويو. ڀٽ شاهه بيوٽيفڪيشن پلان لاءِ 55 ڪروڙ رپيا منظور ڪيا ويا هئا. اها جدا ڳالهه آهي ته 55 ڪروڙ رپين ۾ رڪارڊ ٽوڙ ڪرپشن ڪئي وئي. ڀٽو صاحب جي خواهش ۽ جوڙيل نقشي موجب ڪراڙ جي وچان سنڌو درياهه تي روهڙي- سکر کي ملائڻ لاءِ ٺاهيل پل جهڙي پل به شامل هئي پر اهڙي پل ٺاهڻ بجاءِ اڌ ڪراڙ ڍنڍ ۾ مٽي وجهي اتي ڪراڙ پارڪ ٺاهيو ويو ۽ ڪراڙ کي سوئيمنگ پول جهڙو بنايو ويو. ڪني پاڻيءَ جو نالو به اهڙو ٺاهيو ويو، جو شهر جو پاڻي نيڪال ٿيڻ بجاءِ شهر کي ٻوڙڻ لڳو، انڪري نالي کي ختم ڪيو ويو. چوڻ جو مقصد اهو ته 55 ڪروڙن مان اڌ کان به گهٽ رقم خرچ ٿي، باقي ڪوڙن بلن ذريعي ڪرپشن جي ور چڙهي وئي. محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت جي خاتمي بعد اها اسڪيم به رولڙي جو شڪار بنجي وئي، حالانڪه تمام رقم ڪمشر صاحب جي اڪائونٽ ۾ هئي. ڪافي وقت بعد ايوان لطيف جو ڪم شروع ڪيو ويو پر اهو ڪم به شيڊيول مطابق نه ٿيو. اهو ئي سبب آهي ته ايوان لطيف جي ديوارن ۾ ڏار پئجي ويا. تاريخ گواهه آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کان محترمه بينظير ڀٽو تائين ڀٽ شاهه ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ٿيا، شهيد ڀٽو توڙي سندس نياڻي ڀٽ شاهه جا عقيدتمند هئاـ  دنيا جي مشھور شاعر مولانا رومي جي نگري ڪونيا، شيڪسپيئر جي اسٽيفن آن شھرن کي مثالي خوبصورت شھر بنايو ويو آھي، جڏھن شاعرن جي سرتاج  شاھ لطيف جو شھر ڀٽ شاھ ڏسنداسين ته رت جا ڳوڙھا وھي اچن ٿا. لطيف سائين جي نگري ڀٽ شاھ جتي نه  صرف سنڌ يا پاڪستان پر پوري دنيا مان لطيف سرڪار جا عقيدتمند ۽ سياح اچن ٿا پر شھر جي حالت ڏينھون ڏينھن خراب ٿيندي وڃي. صفائي نالي ڪا شي نظر ڪونه ٿي اچي. الله  جي چوڪ کان دنبورھ چوڪ تائين روڊ تي ھوٽلن وارن جو قبضو، جن روڊ تي ڪرسيون ۽ کٽون رکي ڇڏيون آھن. ڪراڙ جي ڪپ تي ڪراڙ جي پوري فٽ پاٿ تي ھوٽلون، مينارڪي دوڪان، ڪيبينون، مٺائي جا دڪان ٺاھيا ويا آھن، جنھن سان درگاھ روڊ کان ڪراڙ ڍنڍ نظر ئي ڪانه ٿي اچي. دنبورھ چوڪ تي وڏي تعداد ۾ چنگچيون، ريڙھيون بيھڻ جي ڪري گذرڻ جي جڳھ ڪانھي،  جڏھن ته دنبورھ چوڪ کان درگاھ جي چاڙھي تائين وچ روڊ تي بدترين حد دخليون آھن. ڪراڙ ڍنڍ جيڪا لطيف سرڪار سان وابستا ھئڻ ڪري لطيف سائينء جي مريدن عقيدتمندن لاءِ مقدس آھي پر شھر جو گندو پاڻي ڪراڙ ۾ نيڪال ٿي رھيو آھي، جنھن ڪري ڪراڙ مان گندي پاڻي جي بدبوءِ ايندي آھي. 

شھيد ڀٽي ۽ شھيد بينظير بعد   2010ع  ڌاري آصف علي زرداري ڀٽ شاھ خوبصورتي جو پلان شروع ڪيو، جنھن مان ڪراڙ ڍنڍ کي خوبصورٿ بنايو ويو، نيشنل ھاء وي تي ڀٽ شاھ کان وٺي ٽن چئن ميلن تائين وڻ لڳايا ويا، گرلس اسڪول ۽ ھائير سيڪنڊري اسڪول ٺھرايا ويا۔ تڏھوڪي وڏي وزير سيد قائم علي شاھ ڀٽ شاھ خوبصورتي پلان جي اسڪيم ھميشه لاء جاري رکڻ بابت لطيف سائينء جي عرس مڀارڪ تي اچي اعلان ڪيا پر اڳتي ھلي اھا اسڪيم ختم ڪئي وئي، جڏھن ته  شروع ۾ ڀٽ شاھ خوبصورتي وارو پلان بھتر ھليو پر ڀعد ۾ ڪرپشن جو پڙاڏو ٻڌڻ ۾ آيو. سيد گدا حسين شاھ لطيفي ھجي يا ڀٽ شاھ جا ساڃاھ ۽ لطيف سائينء جا عقيدتمند – اھي سمجھن ٿا ته لطيف سائينء جي نگريءَ جي خوبصورتيءَ لاء جيڪي شھيد ڀٽو ۽ شھيد بينظير جا خواب ھئا، اھي ساڀيا تڏھن ٿيندا، جڏھن ٽائون ڪميٽي ڀٽ شاھ، ضلعي ڪائونسل مٽياري، علائقي جا چونڊيل نمائندا ۽ صدر مملڪت سميت پ پ جي اعلي` قيادت پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي.

 ھن موقعي تي اھا ڳالھ ڪندي خوشي محسوس ٿي رھي آھي ته مخدوم جميل الزمان ۽ مخدوم محڀوب الزمان صاحبن لطيف سائينء ڀٽ شاھ جي  رستن روڊن لاء ھزارين فوٽ پيور بلاڪ جون اسڪيمون ڏنيون آھن ۽ رھيل گھٽين لاء وڌيڪ بلاڪ اسڪيمون ڏيڻ جو سلسلو جاري رکيو اچن. اھڙيون اسڪيمون به لطيف سائينء جي نگري ڀٽ شاھ جي خوبصورتي ۾ اضافو آڻينديون. ڪاش شھيد ڀٽو جا ڀٽ شاھ جي خوبصورتي جي ڏٺل خوابن سميت ڀٽائي خاندان جي مشھور شخصيت سيد مظھر علي نازڻ سائينء جا ڏٺل خواب، سيد گدا حسين شاھ لطيفي جيڪي ڀٽ شاھ جي خوبصورتي جا اسڪيچ تيار ڪيا آھن، ان مطابق ڀٽ شاھ کي خوبصورت بنايو وڃي.