| صاحبزاده حامد رضا کي جيل ۾ دوائون نه پيون ڏنيون وڃن: پي ٽي آءِ |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سني اتحاد ڪائونسل جي اڳوڻي چيئرمين صاحبزادہ حامد رضا سان جيل ۾ دوائن جي فراهمي نه ٿيڻ ۽ ملاقاتن ۾ سختي تي پاڪستان تحريڪ انصاف رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته صاحبزادہ حامد رضا سان جيل ۾ غير مناسب سلوڪ کي شديد مذمت ڪريون ٿا. جيل ۾ اُن سان اختيار ڪيل رويو به ناقابل قبول آهي. صاحبزادہ حامد رضا جي صحت ۽ بنيادي حقن بابت اسان کي شديد فڪر آهي. اُن کي دوائون فراهم نه ڪيون پيون وڃن، اُن جي گهرڀاتين ۽ وڪيلن کي جيل جي سلاخن جي پويان غيرمناسب ماحول ۾ ملاقات ڪرائي وڃي ٿي، بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف مطالبو ڪري ٿي ته صاحبزادہ حامد رضا کي جيل ۾ ضروري طبي ۽ قانوني سهولتون مهيا ڪيون وڃن، گهرڀاتين ۽ وڪيلن سان ملاقات لاءِ مناسب ۽ آزاد ماحول فراهم ڪيو وڃي، ۽ انهن جي اپيلن جي فوري ۽ منصفانه ٻڌڻي کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن انصاف جا تقاضا پوريون ٿي سگهن.