صالح پٽ (رپورٽر) صالح پٽ ويجهو جوابدار ڪارنهن جي تهمت مڙهي پنهنجي ڀاڄائي ۽ نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو
ڳوٺ علي گل مگسي ۾ اهڙو واقعو پيش آيو، جوابدار طارق مگسي پنهنجي ڀاڄائي خانزادي ۽ نوجوان دادن مري کي قتل ڪيو
پوليس پاران واقعي جي تصديق ڪئي وئي آهي، پوليس موجب عورت ۽ نوجوان جو لاش لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي
پوليس موجب لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويندا ۽ ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو، واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي