صالح پٽ (رپورٽر) صالح پٽ لڳ نوجوان مبينا طور اغوا ٿي ويو آهي جڏهن ته وارثن کان 15 لک رپيا ڀنگ طلب ڪئي وئي آهي
ان ڏس ۾ ڳوٺ مير غلام علي ٽالپور جو رهواسي علي گل گوپانگ روھڙي ويندي مبينا طور اغوا ٿي ويو
مغوي جي ڀائرن غلام سرور گوپانگ ۽ اصغر گوپانگ موجب ته علي گل ٽريڪٽر ڊرائيور آهي، ٽن ڏينهن کان گم آهي، اڄ اسان ڌاڙيلن فون ڪري ٻڌايو ته علي گل کي اغوا ڪيو آهي، 15 لک ڀنگ موڪليو
مغوي جي وارث موجب ته غريب آهيون، نوٽيس وٺي نوجوان کي بازياب ڪرايو وڃي