صالح پٽ ويجھو مبينا طور ڪئنال ۾ ٽپو ڏيندڙ نوجوان نه مليو

صالح پٽ ويجھو مبينا طور ڪئنال ۾ ٽپو ڏيندڙ نوجوان نه مليو

صالح پٽ (ن پ ا) صالح ڀٽ لڳ ڳوٺ محمد ڇتل ٿيٻو جي رھواسي 18ورهين جي اعجاز علي پٽ محمد حسن ٿيٻوايس ڪي بي پل وٽان نارا ڪئنال ۾ مبينا طور ٽپو ڏئي ڇڏيو هو، وارث نوجوان جي لا ش جي لاش جي ڳولا لاءِ  ڪئمپون لڳائي ويٺل آهن. وارثن انور علي ٿيٻو، ارشاد علي ۽ ٻين  ٻڌايو ته چار ڏينھن اڳ اسان جي نوجوان اعجاز ولد محمد حسن ٿيٻو گھرو اڻبڻت تان ايس ڪي بي پل وٽان نارا ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪئي ھئي، جنھن جي لاش جي اسان پنھنجي مدد پاڻ نارا ڪئنال ۾ ڳولا ڪري رھيا آھيون. هنن چيو ته هن وقت تائين اسان جي ڪنهن به مدد نه ڪئي آهي.