صالح پٽ ۾ نوجوان گولي لڳڻ سبب فوت، معاملو پراسرار

مَي 19, 2023

صالح پٽ ( ن پ ا) صالح پٽ ۾ نوجوان پراسرار نموني گولي لڳڻ سبب فوت ٿي ويو، وارثن آپگهات قرار ڏئي ڇڏيو

ڳوٺ آرڪوھر ۾ 23 ورهين جي  نوجوان سيد علي گلاب شاهه گولي لڳڻ جي نتيجي ۾ فوت ٿي ويو

نوجوان جي مائٽن جو چوڻ آهي ته علي گلاب پاڻ مٿان فائر  ڪيو جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هن دم ڏئي ڇڏيو

اطلاع تي پوليس پهچي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو

صالح پٽ پوليس جو چوڻ آهي ته علي گلاب شاهه جي مائٽن جو چوڻ آهي ته نوجوان آپگهات ڪيو آهي واقعي جو ڪارڻ معلوم ناهي ٿي سگهيو

Leave A Comment