| صبا دشمن ناهي، ساڻس گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيان: مائره |
لاهور (ڪلچرل ڊيسڪ) پاڪستاني سپر اسٽار مائره خان پنهنجي ساٿي اداڪاره صبا قمر سان خاموش دشمني بابت چپ چوري ڇڏيا، مائره خان ساٿي اداڪار فواد خان سان گڏ هڪ خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ پنهنجي نئين فلم ‘نيلوفر’ جي پروموشن لاءِ نظر آئي. انهي شو ۾ حصو وٺندڙ هڪ مداح سوال پڇيو ته توهان ۽ صبا قمر جي وچ ۾ خاموش دشمني هميشه ميڊيا ۾ ظاهر ٿيندي رهي آهي، انهي ۾ ڪيتري سچائي آهي؟ جنهن تي مائرا چيو ته بلڪل نه، مون کان ڪيترائي ڀيرا اهو سوال پڇيو ويو آهي، منهنجو جواب هميشه اهو رهيو آهي ته منهنجي طرفان اهڙي ڪابه ڳالهه ناهي، هن صبا قمر بابت چيو ته هوءَ هڪ بهترين اداڪاره آهي پر مون کي لڳي ٿو ته اهو سڄي دنيا ۾ هڪ مسئلو آهي ته جڏهن ماڻهو ٻن مضبوط ۽ ڪامياب عورتن کي گڏ ڏسندا آهن ته اهي اڪثر ڪري انهن کي هڪٻئي خلاف ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، جنهن سان انهن وچ ۾ مقابلي يا دشمني جو تاثر پيدا ٿيندو آهي. مائره چيو ته مون اڃا تائين صبا سان ڪم نه ڪيو آهي، جيڪڏهن مون کي موقعو مليو ته آئون ساڻس گڏ ڪم ڪرڻ پسند ڪنديس. جيڪڏهن اسان ٻئي گڏجي ڪو پراجيڪٽ ڪريون ٿا ته اهو ڪامياب ٿيندو.